222

رحيم يار خان ۾ نوجوان زال ۽ ٽن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي هڪ گهر مان 5 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن. رپورٽن مطابق رحيم يار خان جي علائقي پتن مينارا روڊ جي هڪ گهر مان لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. پوليس مطابق پنجن ئي ڄڻن کي تيز ڌار واري اوزار کي ڪهي قتل ڪيو ويو آهي، مقتولن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي رام چند مينگهواڙ، 34 ورهين جي لڇي مائي، 3 ورهين جي پريم ڪمار، 10 ورهين جي انجلي ۽ 5 ورهين جي انيڪا طور ٿي آهي. ٻئي پاسي آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او بهاولپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.  پوليس مطابق لڳي ٿو ته غربت کان تنگ ٿي نوجوان پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو