31

رمضان المبارڪ ۾ مسجدون کليل رهنديون پر احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو: علامه طاهر اشرفي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص نمائندي علامه طاهر اشرفي چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ مسجدون کليل رهنديون ۽ تراويحون به پڙهيون وينديون. خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن وڌيڪ چيو ته هن سال ڪورونا جي ڪري ڪابه مسجد بند نه ڪئي ويندي پر احتياطي تدبيرن تي سڀني کي عمل ڪرڻو پوندو، ڪورونا ايس او پيز تي سڀ کان وڌيڪ عمل مسجدن ۾ ئي ٿيو آهي. هن چيو ته ڪورونا ويڪسين نه لڳرائڻ چريائپ آهي، سرندي وارا ويڪسين خريد ڪري مستحق ماڻهن کي هڻائين.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو