22

رميز راجه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

لاهور  (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ورلڊ ڪپ 1992ع جي فاتح ٽيم جو ميمبر رميز راجه بنا مقابلي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊ لاءِ گورننگ بورڊ جو خاص اجلاس گذريل ڏينهن نيشنل هائي پرفارمنس سينٽر ۾ ٿيو جنهن جي صدارت بورڊ جي اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) شيخ عظمت سعيد ڪئي. پي سي بي جي پيٽرن ۽ وزيراعظم عمران خان 27 آگسٽ تي رميز راجه جي علاوه اسد علي خان کي ٽن سالن لاءِ پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز ميمبر نامزد ڪيو هو. ان جي علاوه عاصم واجد جواد، عاليه ظفر، عارف سعيد، جاويد قريشي ۽ وسيم خان چيف ايگزيڪٽو پي سي بي به بورڊ آف گورنرز جو حصو آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو