39

روايتي طريقا ۽ ايشيا ۾ حقيقي امن وارو سوال..؟؟

ليکڪ: آمنه مفتي

عالمي سياست جي صورت تبديل ٿي رهي آهي، تبديلي نه خراب هوندي آهي، نه سٺي، اها هڪ واڌو ڪيفيت آهي، ڪنهن کي تبديلي راس اچي وڃي ٿي ۽ ڪنهن کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي، پوسٽ نائن اليون دنيا هڪ ٻي دنيا هئي ۽ هاڻ جڏهن آمريڪا افغانستان مان مڪمل نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته دنيا جي سياست جا خدوخال به تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ڏکڻ ايشيا جي ئي ڳالهه ڪريون ته ٻه ٿلهيون ٿلهيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، جنرل باجوه جو تازو بيان جنهن ۾ امن جي آشا ڇلڪي رهي هئي ۽ امن ڪشمير جي مسئلي  جي موجودگي ۾ ته ممڪن نه آهي، ان ڪري ڪشمير جو ڪو امڪاني حل آهي جيڪو شايد لائين آف ڪنٽرول جي حيثيت تبديل ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو، امڪاني حل ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر شايد ڪشمير جو مسئلو هاڻ حل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ڇا، ڇو ۽ ڪيئن اهو وقت ٻڌائيندو.  تازين ماسڪو ڳالهين ۾ جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي اها اها ته افغانستان اڄ به اندروني طور تي ورهايل آهي، روس،چين ۽ آمريڪا جي قيادت پاڪستان سان گڏجي افغانستان ۾ امن جي ڪوشش ته ڪري رهي آهي پر اهو ڪم ڏکيو آهي، طالبانن کي سندن نظرين سميت جيڪڏهن هڪ طاقت تسليم ڪري به وٺجي ٿو ته ڪيترائي سوال پيدا ٿي وڃن ٿا، جيستائين افغانستان ۾ داخلي امن ۽ استحاڪم پيدا نه ٿيندو، تيستائين خطي ۾ امن جي آشا ديواني جي خواب کان وڌيڪ ڪا به اهميت نٿي رکي،  افغانستان هڪ اهڙو مضمون آهي جنهن ۾ اسان وٽ ڪيترا ئي پي ايڇ ڊي ڪيو ويٺا آهن ۽ سندن آڱريون افغانين جي نبض تي آهن، جيڪڏهن اهي چاهين ته افغانستان ٻيهر هڪ پرامن ملڪ بڻجي سگهي ٿو پر پاڪستان جي خلوص وارين ڪوششن کانسواءِ اڳڀرائي ٿيندي ته اها اڌوري ئي رهندي، ٻئي طرف پاڪستان طرفان انڊيا لاءِ بظاهر دوستي جو هٿ وڌايو پيو وڃي، ان جو وقت عالمي سياست جي حساب سان چاهي مناسب ئي ڇو نه هجي پر انڊيا جون اندروني حالتون هن وقت انتهائي عجيب آهن، شايد انڊيا ۽ پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ انڊيا ۾ مسلمانن لاءِ ايتريون خراب حالتون ڪڏهن به نه رهيون آهن، نريندر مودي جي تازي بنگلاديش جي دوري دوران جيڪي هنگاما ڏسڻ ۾ آيا ان مان بخوبي اندازو ٿي وڃي ٿو ته خطي ۾ مودي جو ڪردار مسلمان مخالف ولن جي طور تي ئي سامهون آيو آهي، افغانستان جي تازو ماسڪو ڪانفرنس ۾ به انڊيا کي نظرانداز ڪيو ويو، مودي جي ڪشمير، مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان مخصوص پاليسين ۽ ان جو سياسي ماضي ان تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو، ڇا پاڪستان جتي انڊيا مخالف جذبا نصاب ۾ پڙهايا ويا، مودي جهڙي سربراهه جي موجودگي ۾ انڊيا سان لاڳاپا وڌائي اندروني انتشار کي دعوت ته نه پيو ڏئي؟ پرڏيهي پاليسي جو بنياد قومي مفاد هوندا آهن ۽ جيستائين منهنجي نظر ڪم ڪري ٿي ته مون کي ائين لڳي ٿو ته قومي مفاد جي معنيٰ جي نه حڪومتي پارٽي، نه اسٽيبلشمينٽ ۽ نه ئي مخالف ڌر کي خبر آهي، اڃا تائين اسان جي پرڏيهي پاليسي ڪشمير تي قائم هئي، پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جو ذڪر ڪيو ويندو هو ۽ ”هڪ آهن مسلم حرم جي پاسباني لاءِ “جهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون،راتو رات سمورا نظريا، خيال ۽ ڪشمير جو باب ڪيئن ويڙهي دفن ڪري سگهجي ٿو؟ امن، ڀائيچاري ۽ معاشي ترقي لاءِ سافٽ بارڊرز جي موجودگي اهي سڀ سٺا مقصد آهن پر ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو اهي سموريون ڳالهيون ايندڙ چونڊن ۾ عوام آڏو رکيون وڃن ها، سالن کان انهن کي جيڪي سبق پڙهايا ويا، هاڻ ان کان پوئتي هٽڻ يا پاليسي تبديل ڪرڻ جو وقت آيو آهي ته ان فيصلي ۾ عوام جي شموليت به هجڻ گهرجي، يعني جيڪا به پارٽي کٽي ان جي پرڏيهي پاليسي جي منشور کي ڏسندي نوان فيصلا ڪيا وڃن، جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته نه ڪيو وڃي ڇو ته جيڪو ڪجهه ماضي ۾ ٿيندو آيو آهي، اسان اڄ ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون، هاڻ ماضي مان سبق سکڻ جو وقت آهي، مون کي ته ائين نظر اچي ٿو ته صرف انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ئي نه پر جڏهن افغانستان ۽ روس جي آزاد ڪيل رياستن چين ۽ ايران جا پاڻ ۾ ۽ پاڪستان سان سٺا لاڳاپا جڙندا تڏهن ئي خطي ۾ ديرپا امن قائم ٿيندو.اهي سمورا ملڪ معاشي، سماجي، تاريخي ۽ جاگيرافيائي طور تي پاڻ ۾ ڪجهه ائين وٽڙيل آهن، جو انهن جي سمورن مسئلن جو حل گڏيل لاڳاپن ۾ لڪل آهي، جيڪڏهن انهن مقصدن لاءِ امن جون ڪوششون ڪيون ويون ته اسان کي فائدو به ٿيندو ۽ جيڪڏهن ان ڪوشش جو مقصد صرف نيٽو فوج جي نيڪالي آهي ته ظاهر آهي ته ان جي وڃڻ کانپوءِ حالتون اهي ئي رهنديون جيڪي 1989ع ۾ روسي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هيون، هي امن جيڪڏهن عوام جي اندران اڀرڻ واري سوچ مان اچي ته وڌيڪ ديرپا ۽ حقيقي هوندو، پر جيڪڏهن بون ڪانفرنس جي طرز تي هڪ طرفا فيصلا ڪيا ويندا ۽ امن وارو هي عمل سدائين بند ڪمرن ۾ ويهي ميزن تي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته منهنجي ناقص راءِ ۾ اهو تڪڙ ۾ کنيل ماضي جي قدمن وانگر خطي جي امن کي هڪ گورک ڌنڌو بڻائي ڇڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو