36

روزانو رات جو 10:40 تي ريلوي ڊرائيور ذريعي کاڌو کائيندڙ ٻلي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ ٻليءَ سان محٻت جو عجيب۽ غريب واقعو رپورٽن ۾ آيو آهي، جنهن ۾ هڪ ريل رات جو ڪجهه دير لاءِ هڪ اسٽيشن تي رڪجي ٿي ۽ هر ڊرائيور اتي موجود هڪ ٻلي کي کاڌو پيش ڪندو آهي. پسڪاف کان ماسڪو ويندڙ ٽرين هڪ ڀيرو جڏهن استارياروسا اسٽيشن تي بيٺي ته ڊرائيور هڪ بکايل ٻلي کي اتي ڏٺو ۽ کاڌو پيش ڪيو، هي ننڍڙو ريلوي اسٽيشن آهي جتي ريل ڪجهه منٽن لاءِ رڪجندي آهي، جڏهن ته ان رات کانپوءِ روزانو رات جو 10:40 منٽن تي اتي ٻلي ڏٺي وئي ۽ هاڻي اها ڳالهه وڃي پهتي آهي جو هر ڊرائيور ان ٻلي لاءِ ياد سان پاڻ وٽ کاڌو رکندو آهي. ان ٻلي کي پيار مان فيلڪس جو نالو ڏنو ويو آهي، هوءَ پابندي سان 10:40 منٽن تي ريل بيهڻ کان اڳ اتي کاڌي جي منتظر هوندي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو سلسلو ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهي، ٻلي ۽ ريل گاڏي جي دوستي هاڻي پڪي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو