40

رولو ڪتن جو وڌندڙ آزار ۽ قدم کڻڻ جي ضرورت…

ليکڪ: اسلم پرويز مگسي 

اڄڪلهه رولو ۽ ڇِتن ڪُتن جي چڪڻ جا واقعا ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪا آهن. ڪافي عرصي کان ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو تسلسل بدستور اڄ به برقرار آهي. تازي هڪ رپورٽ مطابق ملڪ جي مختلف علائقن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جا تمام گهڻا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن ۾ سنڌ صوبي مان 180،000 ، پنجاب مان 407،000 ۽ خيبرپختونخواهه مان 225،000 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري وغيره جا مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي ڪَر کنيون بيٺل آهن، پر ان سان گڏ اڄ ڪلهه رولو ۽ ڇتن ڪتن جو روڊن ۽ رستن تي وڌڻ ڏينهون ڏينهن پڻ هڪ خراب صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي، جنهن سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا ۽ شهري متاثر ٿي چڪا آهن ۽ ٿيندا پئي رهيا آهن. خاص طور تي رات جي وقت رولو ۽ ڇتن ڪتن کان عام شهري تمام گهڻو ڊنل آهن، رولو ڪتن کان عام شهري ايتري قدر ڊنل آهن جو اهي هڪ ڪار جي بند شيشن ۾ به انهن جي ڪڍ لڳڻ سان ڇِرڪي وڃن ٿا، جنهن سبب خوف ۾ ڪيترن ئي شهرين جي ايڪسيڊنٽ جا واقعا پڻ رونما ٿي رهيا آهن. رولو ۽ ڇتن ڪتن جي خوف سبب عام شهري ايمرجنسيءَ ۾ به گهر جي ڪم ڪار سانگي پنهنجن ئي پاڙن ڏانهن نٿا وڃي سگهن، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي شهري رولو ڪتن جي کاڄ سبب متاثر ٿيا آهن، جن مان گهڻا ئي اسپتالن ۾ ريبيز جي ويڪسين جي کوٽ سبب موت جو شڪار پڻ ٿي چڪا آهن. افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ سرڪاري اسپتالون ريبيز جي ويڪسين کان سواءِ هلن پيون ۽ سول اسپتالن ۾ ويڪسين جي کوٽ سبب ڪيترائي ماڻهو ريبيز جي وَر چڙهي وڃن ٿا، جنهن سبب لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ماڻهو ان بيماري ۾ موت جو شڪار ٿين ٿا، جنهن ۾ متاثر ٿيندڙن مان گهڻو انگ ٻارن جو هجي ٿو. ان کان سواءِ سرڪاري اسپتالن ۾ کين صحيح ريسپانس به نٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب متاثر شهري خانگي اسپتالن ڏانهن رُخ ڪن ٿا. هِتي آءُ اهو ٻڌائڻ قابل ذڪر ٿو سمجهان ته آڪٽوبر 2020ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس محمود خان تي ٻڌل بينچ سکر جي رهواسي فهيم احمد پاران شهر ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي وڌندڙ واقعن خلاف هڪ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن صوبي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي وڌندڙ واقعن تي ناراضگي جو اظهار ڪيو هو ۽ لاڳاپيل بلدياتي آفيسر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو. جنهن کانپوءِ ميونسپل آفيسر ان تي متحرڪ ٿيا هئا ۽ ٿورن ڏينهن ۾ رولو ڪتن جو ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو هو، جيڪا مهم صرف ڪجهه وقت لاءِ عمل ۾ آڻڻ کانپوءِ ساڳي بيڪار بڻجي وئي، جيئن ڪجهھ ڏينھن اڳ پنجن سالن جي هڪ ٻارڙي کي ڪراچي جي ”پي اي سي ايڇ ايس“ واري علائقي ۾ راند کيڏڻ دوران هڪ رولو ڪتي مَٿي ۽ چَهري کي ڏاڙهي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي ايمرجنسيءَ ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن تازو لاڙڪاڻو ۾ هڪ خوفناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ پنجن کان ڇَهن رولو ڪتن هڪ معصوم ٻارڙي کي ڏاڙهي وڌو، جنهن کي پڻ نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ ڪراچي جي رنڇوڙ لائين واري علائقي ۾ پڻ هڪ ٻار کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ حڪومت پاران ان مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڪيترائي ڀيرا دعوائون ڪيون ويون آهن ۽ ان مسئلي تي ڪافي عرصي کان ايوانن ۾ بحث ٿيندا رهيا آهن، پر افسوس آهي ته حڪومت اڃا تائين ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان متحرڪ ٿي ناهي سگهي ۽ نه ڪا اهڙي سرگرمي عمل ۾ سامهون آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪيترائي معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ عام شهري رولو ڪتن جو نشانو بڻجي رهيا آهن. در اصل، رولو ۽ ڇتن ڪتن خلاف مهمون هلائڻ جون ڳالهيون ته هڪ جاءِ تي پر الميو اهو آهي ته اسان وٽ رستي ۾ جيڪڏهن ڪو جانور مري ٿو وڃي ته ان کي ميونسپل ڪارپوريشن جو عملو کڻڻ جي زحمت به نٿو ڪري، بهرحال حڪومت طرفان هن مسئلي تي سختيءَ سان قانونسازي ڪئي وڃي، ڪا نئين ۽ مضبوط حڪمت عملي جوڙي عمل ۾ آندي وڃي، بلدياتي حڪومت کي ان مسئلي تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سان گڏ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي خاتمي لاءِ مهم هلائي وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ عام شهري ريبيز جهڙي موتمار بيماريءَ کان بچي سگهن ۽ سندن وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ نه ڏنيون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو