82

رٽائرڊ ججن کي گاڏي فراهم ڪرڻ جي تجويز نامناسب آهي:جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطابنديال  کي خط لکي ريٽائر ججن کي گاڏي فراهم ڪرڻ جي تجويز کي نامناسب ۽ شرم جوڳوقرار ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس کي لکيل خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالتي ضبطه اخلاق ۽ حلف جي تحت جج پاڻ کي مراعتن جي لاِءِ عهدي جو استعمال نٿو ڪري سگهجي، آخري فل ڪورٽ ميٽنگ 12 ڊسمبر 2019 ٿي، انصاف جي فراهمي کي متاثرن ڪندڙ اهم معاملا ان وقت کان حل طلب آهن،سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي انهن معاملن جي بدران عوامي وسيلن تي نظر آهي، رجسٽرار فل ڪورٽ جي منظوري لاءِ هڪ   سرڪيولر موڪليو،ريٽائر ججن کي گاڏيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ فل ڪورٽ کان منظوري گهري وئي، مونکي پهرين جون تي اها انتهائي شرم جوڳي تجويز ملي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو