102

رٽائرڊ ملازمن جي گروپ انشورنس معاملي تي سيڪريٽري فنانس 22 سيپٽمبر تي عدالت طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس نه ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران فنانس کاتي جي سيڪريٽري کي 22 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايڊووڪيٽ راجا جواد علي ساهڙ پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت سنڌ حڪومت کي انشورنس ڪمپنين سان ڪيل سمورن معاهدن جون ڪاپيون به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته ملازمن جي پگهارن مان ڪيترا پئسا ڪٽيا وڃن ٿا؟ عدالت پڇيو ته گروپ انشورنس جا پئسا ملازمن جي پگهارن مان ڪٽيا ويندا آهن يا حڪومت ڀريندي آهي؟ عدالت چيو ته اهو به ٻڌايو وڃي ته هيل تائين ملازمن جي پگهارن مان گهڻا پئسا ڪٽيا ويا آهن؟. ان موقعي تي درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته هر سرڪاري ملازمن جي پگهار مان هوار گروپ انشورنس جي نالي تي ڪٽوتي ٿئي ٿي. سنڌ حڪومت صوبائي ويلفيئر بورڊ جو قيام به آڻي چڪي آهي جيڪو انشورنس ڪمپنيءَ هٿان ملازمن کي رقم ڏيارڻ لاءِ معاملا طئي ڪندو آهي. ملازمن کي انشورنس فقط سندن فوتگيءَ تي سندن وارثن کي ملندي آهي جڏهن ته 65 سالن جي عمر ۾ جيڪڏهن ملازم رٽائر ٿين ٿا ته انهن کي اها انشورنس جي رقم نٿي ملي جيڪو ظلم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو