48

رڳو چونڊون ٻيهر نه ٿيڻ گهرجن پر ذميوارن کي سزا به ملڻ گهرجي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته اين اي 75 ڊسڪا ۾ رڳو ٻيهر چونڊون نه ٿيڻ گهرجن پر ذميوارن کي سزا به ملڻ گهرجي. سعيد غني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سزا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ اهي ڪردار اهڙيون حرڪتون نه ڪري سگهندا، اليڪشن ڪميشن ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻائي. سعيد غني چيو ته سينيٽ لاءِ اسان جي مخالفن جيڪي اميدوار لاٿا آهن انهن جي پنهنجي ئي پارٽي ۾ سندن خلاف الزام لڳي رهيا آهن، اسان جي اميدوارن کان حلف کڻايو ته هو ڪي به پئسا ناهن ڏيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو