لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ (ن) ليگ جي اهم اجلاس، پارٽي نائب صدر مريم نواز جي سربراهي ۾ ٿيو، پارٽي جي صدر شهباز شريف ۽ خواجه آصف سميت ڪيترائي اهم اڳواڻ غير حاضر هئا، اجلاس ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته زبردستي جي تبديلي نه مڃنداسين، هاڻي ووٽ چوري ٿيڻ نه ڏنو ويندو، چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهيون، جماعت کي هيٺين سطح تي منظم ڪنداسين، بلدياتي چونڊن لاءِ تياري جي هدايت ڪئي آهي، هن ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۾ (ن) ليگ پنجاب ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو آهي، جيڪا معمولي ڳالهه ناهي، ڪارڪنن وڏي جدوجهد ڪئي آهي، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي، ڪرندڙ ڀت کي آخري ڌڪو ڏيڻو آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو ڪرڻ ضروري آهي.
