مٺي (ن سوڀ) انٽرنيشل ٽريڊ سينٽر۽ يورپين يونين جي تعاون سان سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام ٿرپارڪر ضلع ۾ زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي عملدارن لاءِ ٽن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. انهيءِ تربيت ورڪشاپ جو مقصد زراعت ۽ مال مويشي جي ڪاروبار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ادارن جي ڪردار کي موثر ڪرڻ ۽ صنفي حوالي سان ماحول کي سازگار ڪرڻ جيئن هڪ متوازن معاشرو قائم ٿي سگھي. ورڪشاپ جي افتتاحي سيشن ۾ سماجي ڀلائي حڪومت سنڌ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ناٿو خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي ۽ حڪومت سنڌ ۽ انٽرنيشل ٽريڊ سينٽر جي اشتراڪ سان هلندڙ گروٿ فار رورل ايڊوانسمينٽ اينڊ سسٽين ايبل پراگريس جي هلندڙ پروگرام جي مقصدن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي جٽادار ترقي جو واحد حل زراعت آهي، هن وقت پوري دنيا معاشي بحران جي لپيٽ ۾ آهي، اسان خوش قسمت آهيون جو قدرتي وسيلن جي کوٽ ناهي، انهي ڪري زرعي شعبي تي ڌيان ڏئي غربت مان جان ڇڏائي سگهون ٿا. تقريب کي خطاب ڪندي نورمحمد بجير چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن کان ٿرپارڪر جاگرافي جي حوالي سان مختلف آهي، هتي مالويشي جي ڪاروبار جا تمام گھڻا موقعا آهن ۽ انهي شعبي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٿر جي عورت ٻني ٻاري جي ڪم سان گڏ مال ميشي جي ڪم ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري ٿي پر عورت کي گهر ۽ ملڪي سطح تي مڃتا جي ضرورت اهي، عورت جي پورهئي کي تسليم ڪري صنفي مت ڀيد کي ختم ڪيو وڃي. سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ تربيت جي مقصدن کي واضح ڪندي چيو ته مرداڻي معاشري ۾ عورتن جي سماجي حيثيت کي بهتر ڪرڻ لاء سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو، هن چيو ته سماج جون مدي خارج سوچون عورت جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. سماجي اڳواڻ ۽ ٿر ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ پرتاب شواڻي چيو ته پاڪستان ۾ زرعي سڌارن لاءِ مختلف قدم کنيا ويا پر جٽادار ترقي لاءِ ضروري آهي ته هن شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سبز انقلاب جي ضرورت آهي، تعليم، صحت ۽ زرعي سڌارا ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍي سگھن.
