181

زهير حيدري جي ڪتاب ”قلم بڻيو ڪات“ جو جائزو…

غضنفرسولنگي

جڏهن صبح جي ٿڌڙي هير پرين جي پيارجو پهريون تحفو پکين جي مٺي ٻولي تحت پهچائي ٿي،جڏهن باغن ۾ بهار جي رت اچي ٿي ۽ خوبصورت رنگن جي خوبصورت گلن تي ڀونئر ڀڻڪي ٿو ۽ پنهنجي پر اندر ۾ مٺيون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ جڏهن چوڏهين رات جي چانڊاڻ سرنهن کيتن جي سرهاڻ يا وري چيٽ جا چٽا ڏينهن اکين ۾ اٽڪيل نيهن کي پسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته انهي وقت رنگين احساسن جي روپ ۾ اندرجا اڌما نثر ، شاعري ۽ فلسفي جو روپ وٺن ٿا. اهڙن احساسن جي هوندي به اڄ جي مفاد پرست معاشري ۾ حق ۽ سچ لاءِ لکڻ ايئن ڏکيو آهي جيئن بي يارو مددگار ٿي صحرا جي رڃ ۾ اڃ مرڻ، اهڙي سماج ۾ سالن کان مسلسل  رواني سان لکڻ جو ڪم هڪ مستقل ۽ سنجيده مزاج رکندڙ انسان ئي ڪري سگهي ٿو محترم زهير حسين حيدري  سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن هميشه جڏهن به ۽ جنهن به موضوع تي لکيو ته دل ۽ جان سان لکيو نه خانا پوري نه نالي ۽ نه ئي ڦوٽو ڇپرائڻ جي چڪر لاءِ لکيو، هي خانداني ليکڪ آهي جنهن سنڌ ۽ سنڌين جي سورن تي قلم کي ڪات جيان وهايو آهي، سندس ڪالم جي ابتدا ۽ انتها  اهم اسلوب رهيو آهي. هر دوست کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو پر هو هجومن کان اڪثر پري هوندو آهي. سنگت جون الائي ڪيتريون دعوتون، شامون ۽ پروگرام سندس غير موجودگي  ۽ مصروفيتن جي ڪري رليا پيا آهن. جيڪي ٿورا  پاڻ جهڙا ساڻس ملاقات ڪري موٽن ٿا سي سندس تعريفن مان نه ڍاپندا آهن.زهير حيدري جو ڪتاب ”قلم بڻيو ڪات“ سندس مڙني ئي ڪتابن مان ايئن آهي جيئن چوڏهين جي رات ستارن ۾ چنڊ انهي چنڊ کي وري روشني بخشي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل محترم آڪاش انصاري جي سٽن، ڊاڪٽر غلام علي الانا، نصير ميمڻ، محمد صديق مهر ، بيدار جعفري پڻ ڪتاب تي لکي پاڻ ملهايو آهي.زهير سائين جن هي پيار پورهيو انهن ليکڪن جي نالي ڪيو آهي جن جو قلم ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو آ نه وڪيو آ پر هميشه سر بلند ٿي نروار بيٺل رهيو آهي ”جڏهن انصاف وڪبو آ قلم ٿي ڪات ويندو آ “ ڪتاب ۾ زھير حيدري جا اهي ڪالم ، ايڊيٽوريل ۽ انٽرويوز شامل آهن جيڪي هن وقت به وقت اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيا آهن 48 ڪالمن ۽ 4 انٽرويوز ۾ پاڻ باريڪي ۽ جوشيلي انداز سان قلم کنيو آھي.

خنجر چلي ڪسي پي، تڙپتي هين هم امير

ساري جهان ڪا درد هماري جگر مين هي.

قلم بڻيو ڪات ۾ زھير حيدري ڪيترن ئي اهڙن حساس موضوعن تي لکيو آهي جنهن تي عام ليکڪ لکڻ کان پهريان هزارين ڀيرا سوچيندو آهي، مثال طور ”طالباني طرز حڪومت ۽ نواز شريف“  ”اسامه بن لادن دهشتگرد يا شهيد“، ”جمهوريت يا شهنشاهيت“ ،  ”سنڌ جي وحدت تي وار، ذوالفقار ڀٽي جا قرضي اڄ به آهيون،“ ”رياست مدينا ،“ ”سياسي حمام ۾ سڀ اگهاڙا آهن“ ،” مشرف کي کليو خط “ ” عورت جو مقام ۽ چچريل سوچون“ ۽ ”درد جو رشتو“ شامل آهن۔ زهير حيدري صفحي۔ 133 تي صلاح طور سنڌ جي پارٽين کي چيو آهي ته´”اڄ وقت آھي ته سمورين سياسي پارٽين جي جاگرافيائي دنگن کي مٽائي شاهه لطيف جي امن ۽ وحدت جي پيغام موجب صرف ۽ صرف سنڌ جي وحدت ۽ بقا لاءِ ھڪ ٿي وڃون ۽ اسان جون سموريون صلاحيتون سنڌ، سنڌ ۽ صرف سنڌ  لاءِ ڪم آڻيون. ڀٽ ڌڻي جي درگاهه اڄ به سنڌ جو اهو واحد مرڪز آھي، جتان محبت ۽ امن جو درس ملڻ سان گڏو گڏ پنهنجي حقن لاءِ مزاحمت جي همت ۽ حوصلو ملي ٿو. جتي گڏ ٿي اسان سوچيون ته جڏهن اهڙو وقت اچي ويو آھي جو ”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ ته اڳتي لاءِ اسان ڪهڙي حڪمت عملي ٺاهيون. ”سورن سندي راتڙي ۽ ڀورن جي ڀرپات، اوتي اشڪ اکين جا ڏسي هي حالات، هٿان حيدري زهير جي قلم بڻيو ڪات، پڙهڻ آ پرديسي تاريخي هر بات، حيدري جي حيات سرمايو آ سنڌ جو“

ڪتاب ۾ هڪ  رنگين تصويري البم پڻ ڏنو ويو آهي جنهن ۾  ليکڪ جون مشهور شخصيتن سان تصويرون ڏنل آهن جنهن کي ڏسي پڙهندڙ  يقينن ليکڪ جي مسلسل محنت ۽ ڪم سان سچي هجڻ جو داد ضرور ڏيندو.ڪپتان ابڙي جي ٺاهيل چار رنگي ٽائيٽل، پڪي جلد، ڊبل ڪور ۽ انڊونيشن پيپر سان ساحل پبلشر جي شايع ڪرايل ڪتاب جي قيمت صرف 400 رکي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو