اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ جو دورو ملتوي ٿيڻ تي سياستدانن جو مختلف رد عمل سامهون آيو آهي، مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ”سائي رنگ جي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس“، جنهن تي وزير اعظم جي خصوصي معاون شهباز گل جواب ڏنو ته محترمه جو دماغ ۽ ميچورٽي،سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مريم نواز کي جواب ڏيندي هن چيو ته ڪو ٻيو ملڪ توهان سان سٺو نه ڪري ته پنهنجي ملڪ سان گڏ بيهڻ گهرجي، اوهان ته پنهنجي ئي ملڪ جي ساهڙي بڻيل آهيو، مودي ۽ ڀارتي ميڊيا جا دور ياد رکو.
