196

سجاول ڀرسان عورتن ۽ ٻارڙن سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي، هڪ فوت، 20 زخمي

سجاول (ويب ڊيسڪ) سجاول ويجھو عورتن، ٻارڙن ۽ مردن سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.عورتن، مردن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا 9 زخمين کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. گولاڙچي جي چڪ نمبر 5 جا رھائشي ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ ڊاٽسنن ۾ سوار ماڻھو جاتي وڃي رھيا ھئا تہ ديوان شگر مل ويجھو ڊاٽسن جو ٽائر نڪري ويو ۽ گاڏي ڪلٽي ٿي پئي. جنھن سبب ھڪ شخص شخص خميسو ڪولهي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن تہ 20 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ دليپ، ديوراج. لالچند. سونيا. مڪيش، پريم، شڪيلا، لاجو ماريه، نازي، ڀيم چند، لالچند، حسينه، ڪيلاش، امريش، عالمي،  سومري، گنگا، رادها ۽ ٻيا شامل ھئا. حادثي جي زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال سجاول آندو ويو جتي 9 زخمين کي تشويشناڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو