ملير (ن سوڀ) سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسئيشن (سسوا) سنڌ طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سسوا سنڌ جي نالي سان ٺهرايل گهڙيال ورهايا ويا. سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسئيشن (سسوا) سنڌ رجسٽرڊ طرفان پهرين مرحلي ۾ سسوا سنڌ جي فائونڊر صدر الدين شيخ، چيئرمين اليڪشن ڪميٽي متاز علي شيخ، مرڪزي فنانس سيڪريٽري نظير احمد شيخ ۽ ٻين سنڌ جي مختلف شهرن حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، قمبر، نصيرآباد، ميهڙ ۽ سيوهڻ ۾ سسوا سنڌ جي نالي سان سان ٺهرايل گهڙيال ورهايا، مختلف شهرن ۾ دوري دوران معززن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪيل خدمتن تي سسوا سنڌ جي ساراهه ڪئي، ان موقعي تي معززن حافظ ظهير احمد، محمد يوسف، ماما محمد رمضان، اويس علي شيخ، سرفراز، اڳوڻو وائيس چيئرمين ٽي ايم اي شهدادڪوٽ ايڊووڪيٽ پرويز احمد، زين العابدين سڪندر علي، اڳوڻو چيئرمين ٽي ايم اي قمبر شعبان احمد، سعيد احمد، حاجي محمد رفيق، عبدالغفار، حافظ عبدالرئوف، اڳوڻو ڪائونسلر وسيم راجا، منير احمد عطاري، اڳوڻو ڪائونسلر ۽ ايڊووڪيٽ عبدالسميع، شڪيل احمد، بشير احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن (سسوا) سنڌ جي فائونڊر صدر الدين شيخ چيو ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري مشن کي زندگي جي آخري گهڙي تائين جاري رکيو ويندو، اسان جو مشن بنا ڪنهن رنگ نسل جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته جلد سنڌ جڪي مختلف ضلعن جو دورو ڪري دوستن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪنوينشن ڪرائڻ جو اعلان ڪنداسين، جنهن جي ميزباني سسوا سنڌ ڪندي. سسوا سنڌ جي فائونڊر صدر الدين شيخ چيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيون.
