113

سرُ سامونڊي هوائن ۾ هُڳاءَ جهڙو…!!

ليکڪ: گلشن سنڌو

سنڌ جي صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري ۾ امن، انڪساري، پيار، محبت، پاٻوهه، پريت ۽ جيت جو وستار (ذڪر)  آهي، ڪڏهن جراتن کي ساراهيو ويو آهي، ڪڏهن وڇوڙي جو ورلاپ گونجندي محسوس ٿيو آهي، ڪا مارئي مارن جي سڪ ۾ ڏٻري ٿي، ته ڪا سسئي پير پٿون ڪري پنهونءَ لاءِ رڙي پئي ڪنهن نوريءَ جو نياز نوڙت اعليٰ اخلاقي قدرن جو اهڃاڻ آهي ته ڪا وري مومل جهڙي حسن ونديءَ جي مورک هجڻ ڪري وصل جي انتظار ۾ فرق کي ڀوڳي پئي، هر ڪنهن جو بيان شاهه لطيف پنهنجي سرُن ۾ بيان ڪندي هڪ منظر ڪشي پڻ ڪئي آهي، ڪنهن به سُر جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اسان انهن منظرن ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود آهيون ۽ اهي منظر پنهنجي اکين جي پولار ۾ اوتي رهيا هجون، اهڙن ئي خوبصورت سُرن مان شاهه سائين جو هوائن ۾ هُڳاءَ جهڙو سرُ سامونڊي به هڪ سهڻي منظر ڪشي ڪندڙ سُر آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ هي وجود ڄڻ ته سمنڊ جي سونهن ۽ انهيءَ جي آدرش ۾ گم ٿي وڃي ٿو، هن سُر ۾ سامونڊين جو ذڪر آهي جيڪي وڻج جي سمي ڪيترا ئي ڏينهن گهرن کان ڏور رهن ٿا، انهن وڻجارن جو ذڪر آهي سندن آس ۾ ونين جي سڪ ۽ سار جو ذڪر آهي ۽ شاهه سائين هن سُر ۾ انهيءَ جو بيان ڏاڍي خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي، شاهه سائين فرمائي ٿو ته؛

پڳهه پاسي پچُ، آيل سامونڊين جي

من ۾ ٻاري مچُ، جم وڃنئي اوهري

نوجوان وڻجارا، وڻج سانگي، سمنڊ کي جهاڳين ٿا ۽ پري پري جي بندرن (بندرگاهه) تي رهن ٿا ۽ سندن ونيون جدائيءَ اداسين جا ڳيچ ڳائين ٿيون، جيئن شاهه سائين بيان ڪيو آهي.

نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايُون وڻجارن جون

سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ

مارينم فراق پاڙيچيُون پرين جا

يعني نه بندر، نه ٻيڙيون ۽ نه ئي اهي وڻجارا آهن اي پاڙيواريون، منهنجي اندر پرينءَ جي وڇوڙي جا سور ٿا اڀرن. وڻجارن جون ونيون، واٽون ڏسنديون رهن ٿيون، اکين ۾ انتظار ۽ سڪ کين بيچين بڻائي ڇڏي ٿي، سڪ، اُڪير جي سڳي کي سوريندي ورن کي ياد ڪندي نه ٿيون ٿڪجن، رُسندي هو پنهنجي ورن کي ناز وچان ناراضگيءَ جو اظهار پيار وچان ڪن ٿيون، شاهه سائين فرمائي ٿو ته؛

وڃيئي وسري شال، جو تو سودو سکيو 

اڃان آئين ڪال، ڏٿو سفر سنبهين

يعني توکان وڻج واپار وسري وڃيئي، اڃان ڪالهھ ته آيو هُئين اڄ وري سفر لاءِ پيو نڪرين، انتظار ڪرڻ جو ٻيو نانءُ سر سامونڊي آهي، جنهن ۾ وڻجارين جو انتظار آهي ته هر وڻجاري انهيءَ وڇوڙي جو ورلاپ آهي، هر ايندڙ جهاز کي ڏسي وڻجاري خوش ٿئي ٿي ته سندس وڻجارو اچي ويو پر ٻيءَ گهڙي هوءَ مايوس ٿي وڃي ٿي، وڻجاريون ٻين جي ورن کي ڏسي پنهنجي اندر ۾ به ڪانڌ لاءِ پيار، پاٻوهه کي اندرئين اتاھه جي حد تائين محسوس ڪنديون آهن، شاهه عبداللطيف وڻجاريءَ جي ڪيفيت کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته؛

سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين

مون توڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون

وڻجارين جي سڪ ڪڏهن ڪڏهن رنگ لائيندي آهي ۽ سندن ور اچي سندن سامهون بيهندا آهن، تڏهن سندن دل کي دلي سڪون ۽ راحت ملندي آهي، لطيف سائين فرمائي ٿو ته؛

اڱڻ آئيا جان ته سرتيون مون سُک ٿيا

امُل پرينءَ مٿان، ٻُرڪو ٻين ڏيان

سر سامونڊي سمنڊ جي پاتار جهڙو گهرو، وڇوڙي ۽ انتظار جي ڪشمڪش، ونين جو ور کان ڏور رهڻ، اداس رهڻ جو ڏيک ڏئي ٿو، وڻجارن جون واٽون سندن ونيون هر گهڙي نهارينديون رهن ٿيون، ڇوته کين پنهنجي وڻجارن ساڻ محبت آهي، هو هر هر دڳ واجهائيندي سهسين سُکائون ڪن ٿيون، کين انتظار هوندو آهي ته ڍولو اچي ته ساڻس سڪ ڀريون ڳالهيون ڪيان ۽ وڻجارو پنهنجي ونيءَ کي بندر تي روئندو ڇڏي وڃي وڻج لاءِ ڏور پهچي ٿو، سُر سامونڊي جيئن ته هن سر جي نالي مان ئي ڀاسي ٿو ته هن سُر ۾ سامونڊين جو ذڪر آهي ۽ سريراڳ هن جو ٻيو پاسو آهي، سُر سامونڊي ۾ ٽي داستان آهن، سُرن ۾ يارهن کان ٻاويهھ بيت آهن، وائي پڻ پڙهڻ لاءِ ملندي، سرُ سامونڊي بهترين منظر ڪشي وارو سر آهي، هي سُر پڙهڻ مهل ائين لڳندو آهي ته سمنڊ جا منظر، ڇوليون ۽ گهلندڙ هوائون هڪ عجيب طمانيت جو احساس ڏيارينديون هجن ۽ هوائن ۾ هڳاءُ ڄڻ ته ماحول کي معطر ڪري رهيو هجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو