اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار تعليمي ادارن لاءِ تعليمي سيشن 21-2020ع جو ڪئلينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. نئون تعليمي سال 2 آگسٽ کان شروع ٿيندو ۽ گرمين جون موڪلون گهٽائي هڪ مهينو ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل ڪئلينڊر مطابق گرمين جون موڪلون 2 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين هونديون. پنجين ۽ اٺين جا امتحان 18 مئي کان 31 مئي تائين ٿيندا، پهرين کان چوٿين ۽ ڇهين ستين ڪلاسن جا امتحان پهرين جون کان 15 جون تائين ورتا ويندا. پنجين ۽ اٺين جي پيپرن جي نتيجن جو اعلان 30 جون تي ٿيندو، پهرين کان چوٿين ۽ ستين اٺين ڪلاسن جي امتحانن جي نتيجن جو اعلان پهرين جولاءِ تي ٿيندو. عملدارن مطابق وفاقي حڪومت جي هدايتن مطابق ان تاريخن ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي.
