208

سرڪاري ملازمن جي رعايتن ۾ ٻٽو معيار ڪيستائين هلندو؟؟؟

ليکڪ: عبدالقادر شيخ

موجوده وفاقي حڪومت جڏھن اقتدار ۾ آئي تڏھن وزيراعظم پاڪستان ۾ رياست مدينه جھڙي رياست قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، گڏوگڏ عوام کي رياست مدينه جھڙو انصاف جو نظام ۽ سندن حق ڏيڻ جا واعدا ڪيا پر اھي اعلان صرف اعلانن تائين محدود رھيا، رياست مدينه جي دعويدارن عوام سان گڏ سرڪاري ملازمن سان جيڪي واعدا ڪيا اھي به اڄ تائين پورا نه ٿي سگهيا، انھن دعويدارن اقتدار ۾ ايندي شرط اعلان ڪيو ته اسان پنھنجي ٻئي سال جي سالياني بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي وڌ کان وڌ پئڪيج ۽ مراعتون ڏينداسين، خيرن سان ٻه بجيٽون گذري ويون ۽ رياست مدينه ۾ سرڪاري ملازمن سان جيڪو حشر ٿيو اھو ڪنھن کان به لڪل نه آهي، وڌيڪ مراعتون ڏيڻ ته ٺھيو پر موجوده حڪومت ته مرڳو ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ جا بھانا پئي ڳولي، ڪڏھن پاڪستان ٽيليويزن جھڙي پراڻي اداري، ته ڪڏھن پي آءِ اي ته وري ڪڏھن اسٽيل مل جھڙي منافعي بخش اداري کي خانگائڻ خاطر ملازمن کي بيدخل ۽ دربدر ڪيو وڃي ٿو، رياست مدينه ۾ ته اڇي ڪاري يا امير غريب جو فرق نه ھو پر اسان جي رياست ۾ ھميشه ٻٽي نظام جي تلوار لٽڪيل رھي آھي، ٻيو ته ٺھيو پر ھڪڙي ئي ملڪ ۾ جيڪڏهن سرڪاري ادارن جا ملازم الڳ الڳ مراعتون ۽ پگھارون کڻندا ته اھيا وري ڪھڙي رياست مدينه سڏبي؟؟؟ موجوده مھانگائي واري ڏکئي دؤر ۾ سرڪاري ملازم پنھنجي پگھارن مان وڏيون آسائشون پوريون ڪرڻ ته پري جي ڳالهھ پر پنھنجن معصوم ٻچن کي سٺي تعليم به نٿا ڏياري سگھن، ڏٺو وڃي ته ھن وقت ملڪ ۾ معياري تعليم ڏيارڻ ڪيڏي نه مھانگائي ٿي وئي آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ ته اسان جي سرڪاري استادن جا ٻار به نٿا پڙھن ته اتي عام شھري پنهنجو اولاد ڪيئن پڙهائيندو؟؟ پرائيويٽ اسڪولن جون فيون ۽ ان کانسواءِ انھن جا روز نوان خرچ ۽ نيون فرمائشون ڪنھن کان لڪل نه آھن، چوڻ جو مقصد ته موجوده دور ۾ سرڪاري ملازم پنھنجي حق حلال جي پگھار مان گھر جي پورت نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ھو نوڪري پوري ايمانداريءَ سان نه ڪندو يا وري ڪرپشن ڪندو، ٻنھي صورتن ۾ ملڪ ۽ ان اداري جو نقصان آھي جتي ھو ڪم ڪري ٿو، ان کانسواءِ ھن دور ۾ سٺو علاج ڪرائڻ ڪيڏو نه مھانگو  ٿي ويو آهي، انھيءَ سرڪاري استاد وانگر سرڪاري ڊاڪٽر پاڻ يا سندس گھر جو ڪو به فرد سرڪاري اسپتال مان علاج يا معائنو نه ڪرائيندو آهي، ڇوته ھو سرڪاري علاج مان مطمئن نه آهي پر نجي اسپتالن جا خرچ برداشت ڪرڻ به ھر ڪنھن جي وس جي ڳالهھ نه آهي، ان ڪري سرڪاري ملازم موجوده پگھارن مان پنھنجي ڪا  به ضرورت پوري نٿو ڪري سگهي، انڪري رياست مدينه جي دعويدارن کي گھرجي ته ۲۰۲۱ع واري سالياني بجيٽ کان اڳ ئي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ ملازمن جي مراعتن ۾ جيڪو ٻٽو معيار آھي اھو پڻ ختم ڪيو وڃي، ڇو ته سرڪاري توڙي خانگي ادارا ڪنھن نه ڪنھن طرح سان ملڪي خدمت ڪري رهيا آھن ۽ يقينن انھن ادارن جا ملازم پڻ ملڪ لاءِ وڏو اثاثو آھن، پر جيڪڏهن ھڪڙي ئي ملڪ ۾ انھن ادارن اندر ٻٽو معيار ھوندو ته يقينن عام ماڻھو سان گڏوگڏ ادارن ۽ انھن جي ملازمن ۾ نفرتون پکڙجنديون جيڪي اڳيان ھلي ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھن ٿيون، اصل ۾ ڏٺو وڃي ته ڪجهھ ادارن ۾ سٺين پگھارن سان گڏوگڏ ملازمن کي ٻيون گھڻيون مراعتون به ملن ٿيون. مثال طور؛ ٽائيم اسڪيل، سرڪاري خرچ تي علاج، سرڪاري ڪوارٽر، سرڪاري گاڏي، جھاز جي سفري سھولت، يوٽيلٽي الائونس، انجنيئرنگ الائونس، رسڪ الائونس وغيره وغيره ۽ گڏوگڏ ٻيون ڪافي مراعتون پڻ مھيا ڪيون وڃن ٿيون پر ڪافي ادارا اھڙا به آھن جن ۾ ڪا به سھولت ميسر نه آهي، جيئن ڪافي صوبائي کاتن ۾ سرڪاري ملازمن کي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي سھولت ميسر نه آهي ۽ انھن ملازمن کي حڪومت پاران ماھوار ۲ ھزار رپيا ميڊيڪل الائونس جي مد ۾ ملي ٿو، جيڪو ھن دور جي حساب سان وڏو مذاق آھي، انڪري رياست مدينه جي دعويدارن کي گھرجي ته اھو فرق ختم ڪيو وڃي ته جيئن ملازمن مان بيچيني ختم ٿي سگھي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي ھيٺ ڏنل تجويزن تي غور ڪري انهن تي عمل ڪرڻ گھرجي. وفاقي سرڪار کي گھرجي ته سرڪاري ملازمن جا نوان پي اسڪيل روائيز ڪري ان تي گھٽ ۾ گھٽ ۵۰ سيڪڙو پگھار وڌائي وڃي، رٽائرڊ پينشنرن جي پينشن ۱۰۰ سيڪڙو وڌائي وڃي،  رٽائرڊ ملازمن جي پينشن گھٽ ۾ گھٽ ۲۰ ھزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي وڃي،  مزدور جي پگهار گھٽ ۳۰ ھزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي وڃي،  سڀني سرڪاري ملازمن کي ھڪ جھڙي صحت جي سھولت ڏني وڃي، سرڪاري ملازمن کي نئين پي.اسڪيل تحت ھائوس رينٽ ڏنو وڃي ڇو ته ھن وقت ملازمن کي جيڪو ھائوس رينٽ ڏنو وڃي ٿو اھو ۲۰۰۸ع واري پي اسڪيل تي ملي رھيو آھي، جنھن کانپوءِ ۵ ڀيرا پي اسڪيل روائيز ٿيا آهن پر بدقسمتيءَ سان اڃا تائين ملازمن کي پراڻو ھائوس رينٽ ملي رھيو آھي جيڪا تمام وڏي زيادتي آهي،  انجنيئرنگ الائونس جيڪو سنڌ صوبي کانسواءِ ٻين صوبن جي انجنيئرز کي ملي رھيو آھي، اهو  سنڌ صوبي جي سمورن انجنيئرز کي انجينئرنگ الائونس ڏنو وڃي،  سنڌ پوليس ۽ پنجاب پوليس جي پگهارن ۾ فرق فوري طور تي ختم ڪيو وڃي،  سنڌ صوبي جي ڪجهه کاتن ۾ ٽائيم اسڪيل طور ملازمن کي ترقيون ملي رھيون آھن جن ۾ تعليم، آبپاشي ۽ صحت کاتو وغيره وغيره شامل آهن پر ڇا ٻين کاتن جي ملازمن ڪو ڏوھ ڪيو آھي جو انھن کي ٽائيم اسڪيل تحت ترقي نٿي ملي سگھي؟؟؟ آخري اھم مطالبو اھو آھي ته وفاقي توڙي صوبائي ڪجهه کاتن جي ملازمن کي يوٽيلٽي الائونس ملي رھيو آھي جيڪو سمورن کاتن ۾ رائج ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو