37

سشميتاسين جي ڌيءَ ريني به شوبز جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪاره سشميتاسين جي ڌيءَ ريني به مختصر فلم ”سُٽاباز“ ذريعي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيا آهن. رپورٽن مطابق  مختصر فلم ”سُٽاباز“ لاڪ ڊائون دوران شوٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ اداڪاره سشميتاسين جي ڌيءَ ريني به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن. مختصر فلم ۾ سشميتاسين جي ڌيءَ ريني هڪ ٽين ايجر (نوجوان) جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪا پنهنجي گهر ۾ والدين کان لڪي سگريٽ پيئي ٿي. هڪ انٽرويو دوران ريني جو چوڻ آهي ته مان سمجهان ٿي ته فلم انڊسٽري ۾ مون کي پنهنجو مقام حاصل ڪرڻو پوندو، جتي بيشمار ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مون کي پنهنجي امڙ هميشه اهو سمجهائيندي آهي ته تون ڪنهن ٻئي جي جاءِ وٺي نٿي سگهين ڇاڪاڻ ته تون منهنجي ڌيءَ آهين. هن چيو ته منهنجي امڙ جڏهن منهنجي پهرين فلم ڏٺي ته سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو