243

سعودي حڪومت اسرائيلي جهازن کي پنهنجي ملڪ جي حدن مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسلامي ملڪ سعودي عرب جي حڪومت اسرائيلي جهازن کي پنهنجي ملڪ جي هوائي حدن مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عالمي پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب اسرائيلي جهازن کي پنهنجي هوائي حدن مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن اجازت تحت اسرائيلي جهازن کي 4 ڏينهن جي لاءِ سعودي عرب جي هوائي حدون گذرڻ جي اجازت هوندي، اسرائيلي ميڊيا مطابق اسرائيل کان دبئي لاءِ پهرين اڏام اڄ رواني ٿيندي. ٻئي طرف سعودي حڪومت اهڙين خبرن بابت ڪابه تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو