450

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد ( م ڊ ) قانون واري وزارت کان جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن ملڻ بعد آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي فيڊرل جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ اسپيشل ڪورٽ جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان جيل ٽرائل جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي ۽ دليل ڏنا ويا. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن جو انتظار ڪيو، نوٽيفڪيشن نه آيو ته جوابدارن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيندس. وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين چيو ته قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڄ  مقرر ڪئي وئي آهي، شاهه محمود قريشي عدالت ۾ پيش ٿيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ پڻ لکيو ويو آهي. عدالتي عملدارن وڪيلن کي قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو. وڪيل علي بخاري چيو ته ڇنڇر تي جيل اچڻ ڏکيو آهي ڇو ته اسان جا ٽرائل ڪورٽن ۾ ڪيس آهن، جڏهن ته اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته اڄ ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي حق ۾ آهيان. پي ٽي آءِ جي وڪيلن پاران درخواست ڪئي وئي ته ٻڌڻي 5 ڊسمبر تي ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻڌڻي 5 ڊسمبر تي ٿيندي، پر حاضري جي حوالي سان ٻڌڻي ٿيڻي آهي.. عدالت حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود جي حاضري بابت ٻڌڻي اڄ 9 وڳي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي، عدالت پيشي بابت چيئرمين پي ٽي آءِ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪيا آهن.
 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي” ایک تبصرہ

  1. Hi there,

    Our list contains over 6,500 high authority websites that accept guest posts, saving you hours spent outreaching.

    The list includes each site’s SEO metrics and contact details, allowing you to contact them directly instead of paying overpriced agency fees.

    For more information, visit: https://bit.ly/3dhY19y

    Kind Regards,
    Felicity

پنهنجي راءِ ڏيو