رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي صحت واري وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد العبد العالي ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ويڪسين جي حفاظت جي سطح کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. هن فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي تي صحت جي وزارت جي اعتماد جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي جو طريقيڪار ويڪسين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪافي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزارت ڪورونا ويڪسين جي حفاظت بابت ڳڻتي کي سمجهي ٿي. هن ڪورونا وائرس کان صحتياب ٿيندڙن سميت سمورن شهرين کي ويڪسين ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
