15

سفير حسين عه حضرت مسلم بن عقيل سلام الله عليه

ليکڪ: دانش نبي بخش شر

اسلام جي تاريخ اهڙن سرويچ مجاهدن ۽ غازين جي تذڪرن سان ڀريل آهي، جن پنهنجو سڀ ڪجھه فدا ڪري اسلام جي آئين جي ثبات، ان جي پيغام جي ڦھلاءَ ۽ توسيع کي يقيني بڻايو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر مذهب توڙي ڪنهن به سياسي نظريي جي بقاءُ ان جي پوئلڳن جي قربانين، انيڪ جاکوڙن ۽ ان جي پاسداري ڪرڻ تي ئي ٻڌل هوندو آهي، جيڪڏهن پوئلڳ ڪنهن نظرئي جي حمايت، حفاظت ۽ ان تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏين ته اهو ايندڙ نسلن تائين پهچي نه سگهندو،کوڙ سارين اهڙين هستين ۾ حضرت سيدالشهدآءَ امام حسين عليه السلام جو ڪوفي طرف موڪليل نمائندو حضرت مسلم بن عقيل رضوان الله عليه به هڪ آهي،  اسلامي تاريخ جو هي جوڌو حضرت ابو طالب جو پوٽو، جناب امير المؤمنين علي بن ابي طالب عليه السلام جو ڀائٽيو ۽ جناب عقيل بن ابي طالب رضوان الله عليه جو فرزند هو، هن جو جنم22 هجري مدينه منوره ۾ ٿيو. وڏو پهلوان، دلير ۽ مجاهد انسان هو. اميرالمؤمنين علي عليه السلام جي دؤر خلافت ۾ ڪيترين ئي جنگين ۾ باقائده شريڪ رهيو. ابن عباس رضي الله کان هڪ روايت آهي ته هڪ دفعي حضرت رسول خدا صليٰ الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ جناب علي المرتضيٰ عليه السلام عرض ڪيو ته ڇا توهان منهنجي ڀاءُ عقيل سان محبت ڪندا آهيو؟ تنهن تي پاڻ ڪريمن (ص) وراڻيو ته هائو، خدا جو قسم مان ان سان ٻن شين جي ڪري ٻه محبتون ڪندو آهيان هڪ انڪري جو هو پاڻ مون کي پيارو آهي ۽ ٻيو انڪري جو سندس والد ابوطالب به هن سان محبت ڪندو هو. ان جو پٽ (مسلم) تنهنجي پٽ (حسين) جي محبت [۽ حمايت] ۾ ماريو ويندو، ان تي مؤمنن جون اکيون روئنديون ۽ خدا جا مقرب ملائڪ مٿس درود موڪليندا رهندا، اهي لفظ چئي حضرت رسول خدا (ص) جن زار و زار رنا جو سندن اکين مان لڙڪ وهي ڇاتيءَ تي ڪرڻ لڳا. تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو ته عقيل رضي الله تعاليٰ عنه جي اولاد مان 9 ڄڻا ڪربلا جي جنگ ۾ شهيد ٿيا هئا، جن جا نالا هن ريت آهن عبدالله بن مسلم، محمد بن مسلم، عبدلله اڪبر، جعفر بن عقيل، عبدالرحمان بن عقيل، محمد بن عقيل، محمد بن ابي دعيد بن عقيل ۽ علي بن عقيل  تن ۾ حضرت مسلم بن عقيل پهريون جوڌو هو، سال 61 هجري ۾ حضرت امام حسين عليه السلام يزيد جي بيعت جو انڪار ڪندي ان جي نظام خلاف پنهنجي لافاني تحريڪ جو آغاز ڪندي مدينه منوره مان مڪي شريف طرف هجرت اختيار ڪئي ۽ 3 شعبان سنه 60 هجري ۾ مڪي پهتو، جتي پنهنجي هلچل جي آواز کي عالم اسلام جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ جي ارادي سان مختلف شخصيتن سان گڏجاڻيون ڪندو رهيو ۽ حج جي عظيم اجتماع جي انتظار طور چار مهينا ۽ ڪجهھ ڏينهن قيام فرمايو. ان مدت دوران امام عليه السلام جي ان تاريخي تحريڪ بابت ڪيئي مسئلا پيش آيا ۽ ڪيئي حادثا رونما ٿيا، جن مان هڪ امام عليه السلام جي خدمت ۾  ڪوفين طرفان دعوت طور لاتعداد خطن جو اچڻ هو، انهن مان پهريون خط سليمان بن صرد خزاعي ۽ سندس ڪن ساٿين جو هو، جڏهن ته آخري شبث بن ربعي ۽ سندس ٻين ساٿين جو هو. اڪثر تاريخ وارن لکيو آهي ته ڪوفي وارن جي خطن جي جواب طور جڏهن خط لکي مڪمل ڪيو ته امير مسلم کي گهرائي قيس بن مسهر، عمارة بن عبدالله سلولي، غبدالله ۽ گعبدالرحمان شداد رحبي جي پٽن سان گڏجي 15 رمضان المبارڪ 60 هجري تي ڪوفي روانو ڪيو، مسلم حجاز جي بيابانن کي لتاڙيندو اچي ٥ شوال سنه ٦٠ هجري ۾ ڪوفي رسيو، سڀ کان پهريان ڪنهن وٽ اچي منزل انداز ٿيو؟ ان بابت اختلاف آهن، گھڻن جو چوڻ آهي ته مختار بن ابو عبيده ثقفي عليه الرحمه جي گهر آيو. ڪن جو چوڻ آهي ته مسلم بن عوسجه اسدي رضي الله جي گهر منزل انداز ٿيو، ڪن وري لکيو آهي ته سڌو حضرت هاني بن عروة جي گھر آيو، جڏهن ڪوفي وارن کي امير مسلم سلام الله عليه جي اچڻ جي خبر پئي ته جٿن جا جٿا مسلم سان ملڻ ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪرڻ لاءِ اچڻ شروع ٿي ويا. جيڪو به ماڻهن جو ٽولو آيو ٿي امير مسلم انهن کي امام حسين عليه السلام وارو خط پڙهي ٿي ٻڌايو. امام (ع) خط جي عبارت ٻڌي زار و زار روئي رهيا هئا. ان وقت ڪوفي جو گورنر نعمان بن بشير هو، ڪوفين طرفان مسلم جي هٿ تي بيعت ڪرڻ جي جيتوڻيڪ کيس خبر به هئي پر ان بابت ڪوبه رد عمل نه پئي ڏيکاريائين، حڪومت جا طرفدار مٿس امير مسلم جي خلاف ڪجهھ نه ڪجهھ ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳس ته مسلم خلاف ڪو سخت قدم کڻ نه ته تون بزدل آهين. انهن کي چوڻ لڳو ته ”مونکي اها ڳالهھ وڻي ٿي ته مان ڪمزور سڏجان ۽ خدا جي اطاعت ۾ رهان، ان جي بدران جو دلير سڏجان ۽ خدا جو نافرمان ٿي رهان، مان اهڙي انسان جو پردو هرگز چاڪ نه ڪندم جنهن کي خدا ڍڪيو هجي. نعمان بن بشير جي مسلم سان ان ورتاءَ جي ڄاڻ حاڪم وقت يزيد تائين پهتي، جنهن جي نتيجي ۾ ان بصره جي گورنر عبيدالله بن زياد کي بدلي ڪري ڪوفي ۾ مقرر ڪيو، جنهن اچڻ سان ئي امير مسلم جي ماڻهن تي سختي ۽ خود مسلم جي جاسوسي لاءِ ماڻهو مقرر ڪري ورتا، نتيجي ۾ ماڻهو عبيدالله بن زياد جي ايجاد ڪيل گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول سبب امير مسلم جي چوگرد کان ڇڙوڇڙ ٿيڻ تي کيس اڪيلو ڇڏي ويا، اهڙين حالتن سبب امير مسلم ڪوفي جي مختلف سگهارين شخصيتن سان ملندو رهيو. آخر ڪار حضرت رسول خدا (ص) ۽ جناب اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب (ع) جي معمر صحابي حضرت هاني بن عروة رضي الله جي گهر ۾ پناهگير بڻجي مخفي ٿي ويو، حضرت هاني رضي الله جي شهادت بعد ۽ ڪوفين کان مايوس ٿيڻ بعد ان گهر مان نڪري هڪ طوعة نالي هڪ مؤمنه جي گهر ۾ پناهگير بڻيو. جتان وڏي ويڙھه کان پوءِ کيس گرفتار ڪري دارالاماره نيو ويو، اُتي امير مسلم ۽ عبيد الله بن زياد جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. امير مسلم زبردست لفظن سان امام حسين عليه السلام توڙي ان جي تحريڪ ۽ حضرت رسول الله (ص) جي اهل بيت (ع) جي واکاڻ ڪئي ۽ يزيد جي حڪومتي نظام جي چڱي طرح پت وائکي ڪئي، عبيد الله بن زياد عام خلق ۽ پنهنجي اميرن آڏو وڌيڪ خواري کان بچڻ خاطر يڪدم حڪم جاري ڪيو ته امير مسلم کي دارالاماره عمارت جي ڇت تي وٺي قتل ڪيو وڃي! ايئن ئي ڪيائون ۽ امام حسين (ع) جي ان پرديسي سفير کي ڇت تي نيئي قتل ڪري سندس جسم کي مٿان کان هيٺ اڇلايو ويو، اهو واقعو 8 ذوالحج سال ٦٠ هجري ۾ پيش آيو، حضرت سيدالشهدآءَ (ع) جي ان جوڌي سفير ڪوفي شھر ۾ ٦٤ ڏينهن گذاريا، سندس مزار عراق جي ڪوفي شهر ۾ ڪوفي مسجد جي آڏو ”رڪن يسار“ ۾ واقع آهي، سندس اولاد جو تعداد پنج هو، جن مان چار پٽ عبدالله،محمد، احمد ۽ ابراهيم ۽ هڪ نياڻي خديجه هئس، امير مسلم سلام الله عليه جي ٻچڙن جي جوڙي تاريخ جي ڪتابن ۾ جتي به حضرت امير مسلم جو تذڪرو موجود آهي اتي سندس ٻن معصوم پٽن جو تذڪرو به ضرور ملي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو