264

31 جنوري تائين وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏني ته دمادم مست قلندر ٿيندو، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پئي ته به تيار آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پئي ته به تيار آهيون، سليڪٽيڊ حڪمرانن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، 31 جنوري تائين عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته دمادم مست قلندر ٿيندو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته حڪومت پريشاني ۽ بوکلاهٽ جو شڪار آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ڄاڻي ٿي ته کيس سينيٽ ۾ اڪثريت نه ٿي ملي سگهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڌانڌلي ڪري سينيٽ اليڪشن ۾ اڪثريت حاصل ڪجي. سندس چوڻ هو ته اي پي ايس تي دهشتگردي اسان کي چڱيءَ ريت ياد آهي، هن حڪومت اي پي ايس جي ٻارڙن کي لاوارث ڇڏيو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، ڪالعدم ٽي ٽي پي جو احسان الله احسان جيڪو اي پي ايس واقعي ۾ ملوث هو، اهو جيل مان نڪري ڀاڄوڪڙ بڻجي ويو آهي، هي حڪومت دهشتگردن کي جيل موڪلڻ ۾ ناڪام آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو مطالبو اهو آهي ته وزيراعظم 31 جنوري تائين استعيفيٰ ڏئي، ڇاڪاڻ ته حڪومت عوام جي پريشانين ۾ گهٽتائي لاءِ ڪابه ڪوشش نه پئي ڪري، کنڊ، اٽي کانپوءِ سئي گئس جو بحران آهي، پوري پاڪستان جو آواز آهي ته عمران خان کي وڃڻو پوندو، پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين جو به مطالبو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي. ن ليگ صدر شهباز شريف سان لاهور جيل ۾ ملاقات بابت پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته شهباز شريف سان ملاقات جو مقصد تعزيت ڪرڻ هو پر 2 سياستدان ملندا آهن ته سياسي ڳالهيون به ٿينديون آهن، شهباز شريف سان ملاقات ۾ پي ڊي ايم کي مستحڪم ٺاهڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پئي ته به تيار آهيون. هن چيو ته مون سميت اسان سڀني استعيفائون جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، لانگ مارچ ۽ استعيفائن واري ايٽم بم کي استعمال ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته اسان جي حڪمت عملي اها ئي هوندي ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار نه ٿئي، اسان حڪومت کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته 31 جنوري تائين استعيفيٰ ڏئي، 31 جنوري تائين عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته دمادم مست قلندر ٿيندو، جنهن سان مخالف ڌر کي فائدو ۽ حڪومت کي نقصان ٿيندو. هن چيو ته اسان مزاحمت ۽ ڳالهيون، ٻئي ڪم ڄاڻون ٿا، پر هاڻي ڳالهيون ڪرڻ وارو وقت گذري چڪو، اسان هاڻي ان جون استعيفيٰ وٺي رهيا آهيون، هاڻي اسان تحريڪ هلائي رهيا آهيون، هن وقت اسان ڪنهن سان به ڳالهيون ڪري نٿا سگهون، اسان ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته لاهور جلسو ڪامياب ڪرڻ تي سڀني جو ٿورائتو آهيان، لانگ مارچ کي به ڪامياب بڻائينداسين، اسان آمريت جو مقابلو ڪيو، حڪومت کي به گهر ڀيڙو ڪنداسين. هن چيو ته 31 ڊسمبر تائين سمورين پارٽين جي قيادت وٽ استعيفائون جمع هونديون، اسان اهڙو قدم نه کڻنداسين جنهن سان ملڪ ۽ ادارن کي نقصان پهچي، اسان ملڪ ۽ ملڪي ادارن کي بچائڻ چاهيون ٿا. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، معصوم شهيدن جي والدين کي سلام آهي، شهيد ماءُ جي پٽ جي حيثيت سان والدين سان ايڪي جو اظهار ڪريان ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث ڪردارن کي انجام تائين پهچائي ڏکوئيل خاندان کي انصاف ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو