حيدرآباد(رپورٽ: جاني خاصخيلي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان رڳو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ڄاڻي ٿو، اهو برداشت نه ڪبو، مارچ ۾مارچ ڪري ان کي اقتدار مان ڀڄائي ڪڍنداسين. اهڙو اظهار هن حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي انتظام هيٺ پي ڊي ايم جي تاريخي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هٽڙي باءِ پاس تي ٿيل جلسي ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين پارٽين جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان رڳو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ڄاڻي ٿو جيڪو برداشت نه ڪنداسين ۽ کيس ڀڄائينداسين. اسان عوام جي حقن، آئين ۽ جمهوريت جي هر صورت ۾ حفاظت ڪنداسين، عمران خان کي اقتدار مان ڀڄائي ٻاهر ڪڍنداسين، موجوده حڪومت آئين، جمهوريت، 18هين ترمين ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي حملا ڪري رهي آهي، گذريل سال اين ايف سي ايورڊ جو پورو حصو نه ويو، سنڌ کي هن سال هن سان 200 ارن روپيا گهٽ ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته ناجائز وزيراعظم چوي ٿو ته سنڌ اسان جو صوبو نه آهي، جيڪڏهن سنڌ وزيراعظم جو صوبو نه آهي ته پوءِ ڪنهن جو صوبو آهي، عمران خان ڪٽپتلي ۽ ڌانڌلي وارو وزيراعظم آهي، نه صرف سنڌ، پر بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي پي به هن جو صوبو ناهي. هن چيو ته عمران خان کي سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو نه کپن پر کيس سنڌ جا ٻيٽ، گئس، ڪوئلو ۽ روينيو ضرور کپي، عمران خان صرف عوام جي کيسي تي ڌاڙو هڻڻ ڄاڻي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجن حق ۽ جمهوريت جي حفاظت ڪنداسين. مارچ ۾ مارچ ٿيندو ۽ اوهان اسان سان گڏجي هلندا، آئون ڪراچيءَ مان ۽ ٻيا به پنهنجي پنهنجي علائقي مان نڪرندا ۽ اسلام آباد ۾ ئي گڏ ٿينداسين ۽ هنن حڪمرانن کي ڀڄائينداسين. ناجائز ۽ نالائق وزيراعظم عمران ملڪ جي معيشت، جمهوريت ۽ صحافت کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ڪٺ پتلي وزيراعظم کي ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين، اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي هن ملڪ ۽ عوام تي مڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هاڻ چيو وڃي ٿو ته اسٽيبليشمينٽ کي نه گهيليو، اسٽيبلشمينٽ کي اهي سياست ۾ گهيلي رهيا آهن جيڪي چون ٿا اسان کي اليڪشن کٽرائي ڏيو، ميڊيا کي اسان جي سنڀاليو، دوست ملڪن کي به سنڀاليو، بجيٽ پاس ڪرائي ڏيو، اسان اسٽيبلشمينٽ کي نٿا گهليون. اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ انهن جي آڱر پڪڙي اقتدار ۾ آيل عمران خان ئي گهلي رهيو آهي، اسان اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان پري رهڻ جو چئون ٿا، هن چيو ته پ پ به اهو ئي چاهي ٿي ته هر ادارو پنهنجو پنهنجو ڪم پنهنجي آئيني حدن ۾ ڪري، سياست جو ڪم سياستدانن تي ڇڏيو وڃي. جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حيدرآباد جي تاريخي جلسي پاڪستان ۾ اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم جي تحريڪ پنهنجي منزل تي ضرور پهچندي، جيسيتائين نااهل حڪمرانن کي گهر نه موڪلينداسين تيسيتائين سک سان نه ويهنداسين، هي حڪمران ناجائز رستي چور دروازي کان اقتدار ۾ آيا آهن، هن چيو ته اسٽيبليشمينٽ چوي ٿي ته انهن جو سياست سان تعلق نه آهي اهي اڻ ڌريا آهن، اسان به چاهيون ٿا ته اهي اڻ ڌريا رهن پر غلطيون ته ٿيون آهن انهن غلطين جي انهن کي قوم کان معافي وٺڻي پوندي ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رسو نه آهي، جيسيتائين آئين تحت ادارا ڪم نه ڪندا تيسيتائين اسان حق جو آواز بلند ڪندا رهنداسين. هن چيو ته اسان سياست جي الف ب کان واقف آهيون، اسان پرائمري جا شاگرد ناهيون جو الف ب سيکاريو وڃي، جيڪڏهن اوهان کي سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ اوهان کي اسان جو شاگرد ٿيڻو پوندو، هن چيو ته ملڪ جي بقا، آئين ۽ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي طور تي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، هڪ منصوباندي تحت اهڙن ماڻهن سان پارليامينٽ ۾ ڀريو ويو آهي، جنهن سان پارليامينٽ جي توقير گهٽائي وئي آهي، جيئن 2018 جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائي وئي اڄ وري سينيٽ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم هٿ مٿي ڪري ووٽ ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، معاملو عدالت ۾ هليو ويو آهي، اسان جي عدالت کي احتران سان استدعا آهي ته اها ان مسئلي تي پاڻ کي ڌر نه ڪري، جتي آئين خاموش آهي ته اتي آئيني ترميم آڻڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، سينيٽ چونڊن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان لڳي ٿو ته اها به عدالت جي خلاف عمران خان جي سازش آهي، هن چيو ته عمران حڪومت جي بقا پاڪستان جي خاتمي جي علامت آهي، اسان پاڪستان جي بقا، آئين ۽ جمهوريت جي جنگ وڙهندا رهنداسين. عمران خان ٻڌي ڇڏ تون اسان جو احتساب ڇا ڪندي تون پاڻ اسان جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي چڪو آهين، تنهنجو احتساب اسان ڪنداسين پهريان پنهنجي جان ته ڇڏائي. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي سنڌ جو حق آهي ۽ بلوچستان جي سامونڊي ٻيٽن تي بلوچستان جو حق آهي، وفاق ڪهڙي قانون تحت انهن سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪري رهيو آهي. جيتسائين نااهل حڪمرانن کي ڪڍي ٻاهر نه ڪنداسين تيستائين چپ ڪري نه ويهنداسين، هي نااهل حڪمران چور دروازي کان حڪومت ۾ آيا. هن چيو ته اسان جي فوج چوي ٿي ته اسان سياست ۾ مداخلت نٿا ڪريون اسان به چاهيون ٿا ته توهان مداخلت نه ڪريون، پر ڇا ڪريون غلطيون ٿيون آهن ۽ انهن غلطين کي تسليم ڪري عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ مون کي حيرت ٿي جڏهن توهان چيو ته اسان دشمن کي هارايو آهي، چونڊون پي ٽي آئي کٽي ته مبارڪون توهان ڏيو ته اسان ڇا سمجهون، اسان فوج ۽ جرنيلن کي پنهنجي اکين تي ويهارڻ جي لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن توهان پاڪستان جي عوام جي شڪست کي فتح سمجهڻ ڇڏي ڏيو. هن چيو ته اسان پنهنجين رڪاوٽن کي سمجهون ٿا، عمران خان جان وٺندڙ بيماري آهي، ڪووڊ 19 نه پر هي ڪووڊ 18 آهي. هن چيو ته نيب فوج ۽ مشرف ٺاهيو، صرف ان ڪري ٺاهيو ته جيئن سياستدانن کي ڦاسايو وڃي. هن چيو ته عمران خان پاڻ اسان کان اين آر او گهري رهيو آهي، پر اسان کيس اين آر او نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان هن حڪومت ۽ نيب کي بيوس ڪري ڇڏينداسين، ڪنهن جو پيءُ به اسان جو احتساب نه ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪمران مزدورن کي حق ته نٿا ڏئي سگهيو پر توهان داسو ڊيم جي مزدرون مٿان گوليون هلايون ويون آهن. پي ڊي ايم جي سيڪريٽري جنرل، (ن) ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم جنهن مقصد جي لاءِ نڪتي آهي اهو مقصد ضرور پورو ٿيندو، سنڌ جي حقن تي راتاهو هڻڻ نه ڏينداسين، صوبي کي جيڪي حق ارڙهين ترميم سان مليا آهن اهي کسڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم عوام ۽ صوبن جي حقن لاءِ جنگ ڪري رهي آهي، اوهان سان اسان جو وعدو آهي ته سنڌ جا جيڪي به حق آهن اهي کسڻ نه ڏينداسين. 2018 ۾ چونڊون چوري ڪري اسان تي مڙهيا ويا.
