108

سليڪٽيڊ حڪومت کي عوام جي پريشاني نظر ئي نٿي اچي: کٽومل جيوڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جو بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز بابت خاص معاون ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ چيو آهي ته اداري شماريات پاڪستان جي مطابق سيپٽمبر 2021 ع جي ٻئي هفتي جي پوري ٿيڻ تي کائڻ، پيئڻ جي 33 ضروري شين جي قيمتن ۾ سراسري طور تي 9 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو موجوده وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين جو نتيجو آهي، اها ڳالهه هن پنهنجي آفيس ۾ گهرايل اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس ۾ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ٻڌايو ته جن گهريلو 33 استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ان جي مٿين لسٽ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 76 روپين جو اضافو، زنده مرغي جي قيمت ۾ 67 ڪلو روپين جو اضافو، دال مسور جي قيمت ۾ في ڪلو 32 روپين جو اضافو جڏهن ته کائڻ جي تيل جي قيمت ۾ 20 روپيا في ڪلو اضافي سميت ٻين 18 شين ۾ پڻ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 10 ضروري استعمال ٿيندڙ شين جي قميتن ۾ استحڪام ۽ 1 جي قميت ۾ 1.47 روپين جي گهٽتائي ڏٺي وئي، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي عوام جي جيڪڏهن ٿوري به پرواهه هجي ها ته ضروري استعمال جي شين جي قيمتون وڌائڻ جي بجاءِ انهن کي گهٽ ڪرڻ تي سموري توجهه صرف ڪن ها پر هن سليڪٽيڊ حڪومت کي عوام جي پريشاني نظر ئي نٿي اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو