34

سني ديول جي ننڍي پٽ جي به فلمن ۾ انٽري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سني ديول جي وڏي پٽ ڪرن ديول کانپوءِ هن وقت سندس ننڍو پٽ راج وير ديول به بالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ تيارين ۾ آهي. رپورٽن مطابق سني ديول جو ننڍو پٽ راج وير ديول ڀارتي پروڊڪشن ڪمپني راج شري پرڊڪشنز جي اچڻ واري پراجيڪٽ سان فلمن ۾ انٽري ڪندو. بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار ۽ سني ديول جي والد ڌرميندر سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوٽي جو تعارف ڪرائيندي ماڻهن کان درخواست ڪئي ته هو سندن ننڍي پوٽي کي محبت ڏين. راج وير ديول ڀارت جي مشهور هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اسڪرين رائيٽر سورج برجاتيا جي پٽ اويناش برجاتيا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ۾ شامل ٿيندو، اويناش برجاتيا به هن فلم جي هدايتڪاري سان فلمي دنيا ۾ قدم رکي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو