55

سنڌو درياهه جي اهميت ۽ ڪانٽينينٽل شيلف ٺاهڻ ۾ درياهن ۽ نهرن جو ڪردار….

ليکڪ: دين محمد ميربحر

هونئن ته اسان جي ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن ته ڪڏهن پاڻي جي سوڪهڙي سبب پيدا ٿيندڙ بک، بدحالي واري صورتحال ۽ اسان جي عوام ۽ حڪومتي ادارن ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ تمام گهڻي آهي، حقيقت ۾ اسان سائنسي حقيقتن، قدرتي وسيلن ۽ نسل در نسل تائين وجود ۾ رهڻ واريون شيون وساريندا يا هٿ وٺي نظرانداز ڪندا آهيون، عوام ڪڏهن سائنسي بنيادن تي نه سوچيو ۽ نه حڪومتي ادارن اها تڪليف ڪئي ته عوام تائين اهڙي سائنسي معلومات پهچائي وڃي. هن عمل ۾ سياسي رسا ڪشي به سائنسي بنيادن تي قائم شين ۽ قدرتي وسيلن کان اڻ واقفيت پيدا ڪئي. ڪا حڪومت ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ هوندي آهي ته ڪا حڪومت وري اچي پهريان وارا شروع ڪيل منصوبا روڪيندي آهي ۽ قدرتي ماحول سان ڇيڙکاني ڪري موسمي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جو سبب بڻجندي آهي. درياهن ۾ موجود ٻيلن جي واڍي سبب جهنگلي جيوت ۽ ٻيلن جو خاتمو ٿي وڃي ٿو، سنڌو درياهه جي تقريبن ڪچي واري زمين ۾ هاڻي ٻيلا بلڪل ختم ٿي چڪا آهن. مٿي ٻُڌايل شيون جيڪي فائديمند هجن يا نه انهن سڀني کي ڏسجي ته سائنسي حوالي سان اهي سڀ عمل مستقبل ۾ هاڃيڪار ثابت ٿيندا. هن وقت عارضي فائدو ته ملي رهيو آهي پر هوا جو تيز ٿيڻ، پاڻي چڙهي ته ٻوڏ جو خطرو رهي ٿو، جيڪڏهن ايندڙ 50 سالن تائين جيڪر اسان ٻيلا نه پوکيا ۽ ڊيم ٺاهڻ واري اسٽريٽجي تا هٿ نه کنيو ته اهو تمام گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيندو. جنهن ۾ سمنڊ جو زمين کي ڳڙڪائڻ، مٿي ٻڌايل قدرتي آفتن، يعني ڪراچي جهڙو شهر 50 کان 100 سالن ۾ سمنڊ اندر ڳڙڪائجي سگهجي ٿو ۽ باقي درياهه جو پاڻي ڪڏهن به سڄي سنڌ کي ڪنهن به وقت ٻوڙي سگهي ٿو. هتي هاڻي ڪجهه سائنسي صلاحون جيڪي اسان جي فائدي ۾ آهن اهي مستقبل ۾ اسان کي عربي سمنڊ جو هڪ وڏو حصو به ملڪيت طور ڏياري سگهن ٿيون. جنهن تي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو ۽ سمنڊ جو بارڊر يعني اسان جي ملڪ جي سامونڊي حدن ۾ واڌ جيڪا گڏيل قومن جي جوڙيل ڪميشن جي اجازت ۽ پاڪستان کي ان جي ملڪيت قرار ڏنو ويو، جنهن کي ٽيڪنيڪل ٻوليءَ ۾ ڪانٽينينٽل شيلف Continental Shelf چيو ويندو آهي. جيڪو اسان جي ملڪ جي ماهر سائنسدانن پاڪستان نيوي، سائنس واري وفاقي کاتي، صوبائي حڪومت ۽ گڏيل قومن جي ماهرن جي مدد سان حاصل ڪيو. ان جو ڳالهه جو اعلان اڳوڻي صدر پاڪستان ممنون حسين پنهنجي ڪيل خطاب جيڪو هن 23 مارچ 2015 ۾ فوجي پريڊ ۾ ڪيو ته اسان جي ملڪ جون سامونڊي حدون 200 ناٽيڪل ميلن کان وڌي ڪري 350 ناٽيڪل ميل ٿي ويون آهن، جنهن جي منظوري گڏيل قومن جي جوڙيل ڪميشن باضابطا طور تي ڏئي ڇڏي آهي. انهن حدن جو تعين ڪرڻ صرف هڪ ملڪ يا قوم جو ڪم نه هوندو آهي پر ان ۾ پاڙيسري ملڪ ۽ ٻين قوتن جو پڻ عمل دخل هوندو آهي. هونءَ تي پاڻيءَ جو حدون مقرر ڪرڻ زمين جي حدن جو تعين ڪرڻ کان ان ڪري به  مشڪل هونديون آهن جو اهي نظر نه اينديون آهن پر موجود هونديون آهن. سمنڊ جنهن جي تري ۾ زندگي به آهي ۽ وسيلا به آهن جتي فطرت به ساهه کڻندي آهي، آبي حيات به آهي ۽ معيشت کي زندگي بخيشندڙ معدنيات به آهن. سمنڊن جي انهي اهميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن بين الاقوامي سامونڊي قانون جوڙيو، جنهن مطابق هر اهو ملڪ جتي سمنڊ آهي ان جو 12 ناٽيڪل ميل جو علائقو سرزميني سمنڊ هوندو آهي. ان علائقي ۾ موجود جاندار ۽ بيجان شين تي ان ملڪ جو حق هوندو آهي ۽ رياست جا سڀئي قانون پڻ لاڳو ٿيندا آهن، ايتري قدر جو گذرگاهه ۽ توانائي جي حاصلات جا حق پڻ ان ملڪ کي ڏنا ويا آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي 200 ناٽيڪل ميلن جو علائقو جنهن کي Exclusive Economic Zone جوڙي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سمنڊ، ان جي اندر ۽ ان تي ان ملڪ جو استحقاق هوندو آهي، پاڪستان جي سامونڊي پٽي تقريبن هڪ هزار ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا سرڪريڪ کان جيوني تائين آهي، جنهن جي ڪارڻ پاڪستان 200 ناٽيڪل ميلن جي علائقي تي Exclusive Economic Zone جيڪو تقريبن 240000 چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿو، تي جوڙي ورتو، ان کانپوءِ ڪانٽينينٽل شيلف Continental Shelf يعني سامونڊي پٽي رکندڙ ملڪ جو سمنڊ ۾ قدرتي زميني واڌ کي چئبو آهي، جيڪڏهن ڪو ملڪ اهو سائنسي بنيادن تي اهو ثابت ڪري وڃي ته ان جو ڪانٽينينٽل شيلف 200 ناٽيڪل ميلن کان به اڳتي آهي ته ان جو سرزميني سمنڊ وارو علائقو 350 ناٽيڪل ميلن تائين وڌائي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ ان شيلف جي واڌ جو امڪان موجود هو، ڇاڪاڻ ته ڪروڙين سالن کان پاڪستان ۾ موجود درياهن جي ذريعي وهي سمنڊ ۾ ڪرندڙ مٽي ۽ معدنيات جي سبب اسان جي ملڪ جو ڪانٽينينٽل شيلف 200 ناٽيڪل ميلن کان ڪافي اڳتي وڃي ٿو. اها ڳالهه تڏهن سامهون آئي جڏهن جن جي ذمي صرف چوڪيداري هئي انهن صرف پنهنجي ذميواري ادا نه پئي ڪئي پر انهن اڳتي جو به سوچيو پئي، جنهن ۾ پاڪستان نيوي، سائنسي ادارا ۽ حڪومتي ادارا پڻ ان ڏس ۾ ڪافي ڪم ڪري رهيا هئا. اهو سفر پاڪستان ۾ 1995 کان شروع ٿيو هو، جيڪو ڪافي محنت ۽ جدوجهد کانپوءِ پاڪستان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن لاءِ پاڪستان نيوي 1995ع ۾ ان ڪيس کي پاڪستان ۾ وزارتي سطح تي آندو ۽ ڪافي غور ويچار کانپوءِ حڪومت ان جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي، جنهن جي ذميواري نيشنل انسٽيٽيوٽ اف اوشينوگرافي پاڪستان حوالي ڪئي وئي، جنهن کي پاڪستان جي سامونڊي فوج جي هائيڊروگرافڪ ڊپارٽمينٽ جو تعاون ۽ قومي سائنسي وزارت جي سرپرستي حاصل هئي. ڪاغذ تي ڇڪيل ليڪن کي سمنڊ ۾ ڇڪڻ ۽ وري سمنڊ به اهو جيڪو پاڻ خود هڪ چئلينج هو، هميشه وانگر وسيلن جي کوٽ باوجود پاڪستاني ادارن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو. هن سروي ۾ اسان جي ملڪ جي سامونڊي ٻيڙي ”بحر پيما“ به حصو ورتو، هي ڪم ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ پهريون ڊيسڪ ٽاپ اسٽڊي مڪمل ڪئي وئي، ٻئي مرحلي ۾ ساحل ۽ سمنڊ مان سائنسي عددي شمارا گڏ ڪيا ويا، جنهن ۾ 1100 ڪلوميٽر ڊگهو ملٽي بيم سروي ڪيو ويو، ٻئي حصي ۾ 4000 ڪلوميٽر ڊگهو سيسمڪ سروي ڪيو ويو، ڪافي محنت کانپوءِ پاڪستان اهو ڪيس گڏيل قومن ۾ 30 اپريل 2009 ع تي جمع ڪرايو، جنهن لاءِ جوڙيل ڪميشن 21 ملڪن تي ٻڌل هو، جيڪا هر پيش ٿيندڙ ڪيس کي غور سان جانچي رهي هئي ۽ آخرڪار اهو ڪيس 13 مارچ 2015ع تي منظور ٿيو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. ان مان ثابت ٿيو ته سائنسي تحقيقن ۽ تعليمي ميدان ۾ ترقي اسان کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيندي. هاڻي پاڪستان وٽ جيڪو سائنسي علائقو وڌيو ان بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اهو معدني لحاظ کان تمام گهڻو اهميت جوڳو آهي، جنهن جو ڪاٿو 2400 بلين ڊالرن تائين لڳايو پيو وڃي، سمنڊ ۾ ملندڙ معدنيات جنهن ۾ Polymetalic Nodules، Phosphate, Magnese, Copper, Cobalt, Nickel ۽ تقريبا 500 ملين بيريل تيل جا ذخيرا دريافت جوڳا آهن. ان مان ظاهر ٿيو ته درياهن جو سمنڊ ۾ ڇوڙ به لازمي آهي ۽ درياهن ۾ قدرتي ماحول جنهن ۾ ٻيلا وغيره به لازمي آهن، نه ته اها مٽي آهستي آهستي وهڪري ۾ سمنڊ جي تري ۾ هلي ويندي ۽ سمنڊ جو پاڻي درياهه جي رستي اسان جون زمينون ڳڙڪائيندو مٿي هليو ايندو. مقصد ته اسان کي فطرت سان ڇيڙڇاڙ نه ڪرڻ گهرجي، ٻيلا پوکيا وڃن، وڌيڪ ڊيم نه ٺاهيا وڃن ته سمنڊ کي شيلف ٺاهڻ ۾ مدد ملي ۽ اسان وٽ وڌ ۾ وڌ سامونڊي علائقو اچي وڃي.

(هي معلومات نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشيانالوجي پاڪستان جي ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي).

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو