329

سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙابندي سبب نوجوان باغي ٿي چڪا آهن، ادب جي دنيا کي سڀ وڏو نقصان نئين ٽهي جي شاعرن ڏنو: مدهوش مير

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) ڪتاب ”ماريو جن موت کي“  جي تخليقڪار نوجوان ليکڪ مدهوش مير روزاني ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙا بندين سبب اڪثر نوجوان وڏن ادبي استادن جي اصلاحن کان باغي ٿي ويا آهن، هو سوشل ميڊيا تي خيالي ڏي وٺ ڪري هڪ ٻئي کان سکن ۽ سيکارين ٿا، سوشل ميڊيا نوجوانن ۾ شعور پکيڙيو آهي، سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال ڪرڻ سان اڃا وڌيڪ سجاڳي پيدا ٿيندي. مدهوش مير وڌيڪ چيو ته وڏن جي اصلاح کان اڄ جو آجو نوجوان پنهنجي جوهر ۾ سٺو ڪم ڪري پيو، سوشل ميڊيا جي ڪري ڪتاب لکڻ پڙهڻ جو ريشو وڌيو آهي، جنهن جو هڪ مثال ته نوجوانن پاران لاڪ ڊائون واري عرضي ۾ تمام ڪارائتو ۽ جاندار ادب شايع ڪرايو  ويو آهي، اسان کي ڪيترين ئي نوجوانن پاران سٺا ڪتاب مليا آهن. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي واري هن دور ۾ روايتن جو منهن موڙي ادب ۾ جدت پيدا ڪندڙ ذهنن جي ضرورت آهي، جيڪي پيروي ۽ شخصيت پرستي کان هٽي ڪري خوشحال سماج اڏڻ لاءِ پنهنجي ڪارائتي قلم سان انصاف ڪن، سائنس جيڪو خود هڪ وڏو ۽ الڳ موضوع آهي پر اهڙن موضوعن تي تمام گهٽ لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. هن چيو ته نئين ٽهي جي نوجوانن جي قلم ۾ هڪ اتساهه آهي، بغاوت سان گڏ حب الوطني جو جُز پڻ ملي ٿو، اهڙن نوجوان تخليقڪارن ۾ رفيق کوسو، پروفيسر سجاد سومرو، زاهده ابڙو ۽ ڪليم پٽ جهڙن سگهارن قلمڪارن پاڻ ملهايو آهي، جڏهن ته ادب جي دنيا کي سڀ وڏو نقصان نئين ٽهي جي شاعرن ڏنو آهي، جن کي نه رديف ڪافئي جي خبر آ نه ئي شاعري جي مڪمل لفظ جي ڪا خبر آهي، انهن کي گهرجي ته پاڻ ۾ سهپ جو مادو ڌاري ڪجهه سکڻ جي ميدان ۾ قدم رکن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو