سنڌي ٻٽڙا (ن سوڀ) ميهڙ کان سنڌي ٻٽڙا ۽ اگهاماڻي ڏانهن ويندڙ 20 ڪلوميٽر روڊ ورهين کان مرمت نه ٿيڻ ڪري اکڙي تباهه ٿي ويو آهي، جنهن سبب ان روڊ سان چنگچي رڪشا، ڪار، ٽريڪٽرن ۽ ٻين مسافر گاڏين جو گذرڻ ته مشڪل بڻيل آهي پر موٽر سائيڪل به گذري نٿي سگهي. هوڏانهن سنڌي ٻٽڙا شهر جي شهري اتحاد واپارين ۽ مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن غلام مصطفيٰ چانڊيو، غلام نبي قمبراڻي، محمد اسحاق جتوئي، ايڊووڪيٽ علي اڪبر خميساڻي، علي گوهر چنا، سيد قائم علي شاهه، حسين بخش چاوڙو، علي رضا خميساڻي، عبدالستار ٻٽڙو، ڊاڪٽر حسين بخش جتوئي، عبدالرزاق ملڪ، اطهر علي ڪلهوڙو، ظفر چانڊيو، محمد حسن چنا، سيد ارسلان شاهه، سيد علي اڪبر شاهه، ناري قربان علي، جبل جتوئي، فيض محمد شهبازاڻي، غلام شبير ڀرٽ، خادم حسين قمبراڻي، عبدالوهاب جتوئي، صفدر قمبراڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ميهڙ کان سنڌي ٻٽڙا _ اگهماڻي ويندڙ 20 ڪلوميٽر روڊ جي گذريل 15 سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري روڊ اکڙي تباهه ٿي ويو آهي، وک وک تي کڏا پيل آهن، جنهنڪري ان روڊ تان گذرڻ مشڪل بڻيل آهي، روڊ خراب هجڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا گاڏين توڙي موٽر سائيڪلين جا حادثا پڻ ٿيا آهن ۽ حادثن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته هي روڊ ميهڙ تعلقي جي ڪچي واري علائقي جي 50 ڳوٺن جو هن روڊ سان سفر آهي، روڊ نه ٺهڻ جي ڪري 50 ڳوٺن جي لکين انساني آبادي سفري سهولت کان محروم بڻيل آهي، شهري اتحاد سنڌي ٻٽڙا ۽ مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن وزير اعليٰ سنڌ، روڊس کاتي جي صوبائي وزير ايم پي اي فياض ٻٽ ۽ ايم اين اي عرفان طفر لغاري کان مطالبو ڪيو ته ميهڙ کان سنڌي ٻٽڙا اگهاماڻي سيتا ويندڙ روڊ جي مرمت ڪرائي 50 ڳوٺن جي لکين انساني آبادي کي سفري سهولت مهيا ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ۽ تحريڪ هلائي ويندي.
