ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ کيس جناح اسپتال مان آزاد ڪيو ويو. حليم عادل شيخ آزاد ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آزادي کانپوءِ سڀ کان پهرين پنهنجي ڪارڪنن سان ملڻ جيل ويندس، منهنجا 4 ساٿي جيل ۾ آهن انهن سان ملاقات ڪندس.
