88

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بس اونڌي

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بس اونڌي

سري نگر(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير جي علائقي پلگام ويجهو ڀارتي پوليس جي بس هڪ کڏ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ست اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۽ تبت جي سرحدي پوليس آءِ ٽي بي پي اهلڪارن سميت اڻيتاليهه سيڪيورٽي اهلڪارن کي کڻي ويندڙ هڪ بس روڊ کي ترڪي ندي جي ڪناري لڳ هڪ کڏي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ست آئي ٽي بي پي جا اهلڪار مارجي ويا ۽ ٽيهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.پوليس ذريعن موجب واقعو صبح جي وقت لڳ ڀڳ ڏهين وڳي پيش آيو جڏهن مبينا طور تي بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي، جڏهن ته فوتين جي انگ وڌڻ جو خدشو به آهي ڇو ته ڪيترائي اهلڪار سخت زخمي آهن جيڪي سري نگر جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.گادي چاندنواري کان پهلگام وڃي رهي هئي جڏهن اهو واقعو پيش آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو