130

سنڌ اسيمبلي ۾ بند اسڪولن ۽ هڪجهڙي نصاب معاملي جو پڙاڏو، وفاق جي نصابي مارشل لا رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ بند پيل اسڪولن ۽ هڪجهڙي نصاب وارن معاملن جو پڙاڏو، تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت ملڪ جو آئين پڙهڻ کانسواءِ ئي منشور ۾ هڪجهڙي نصاب وارو نقطو شامل ڪري ڇڏيو، وفاق جي نصابي مارشل لا کي اسين رد ڪيون ٿا. گذريل ڏهاڙي  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ مقرر وقت کان ڏيڍ ڪلاڪ دير شروع ٿيو، اجلاس ۾ سينيئر صحافي رحيم الله يوسفزئي ۽ رفيق آزاد ليءِ دعا ڪئي وئي، مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ 10 هزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن ۽ 29 هزار رپيا في ڊيسڪ جي حساب سان خريد ڪيون پيون وڃن جيڪي مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي موجود آهن، هن چيو ته صوبي ۾ 12 هزار اسڪول بند، 29 هزار اسڪولن ۾ بيت الخلا ناهي، 31 هزار اسڪولن ۾ بجلي ناهي، 59 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، صوبي جي اسڪولن جي اها حالت آهي، مٿان وري وفاق امير ۽ غريب لاءِ هڪ نصاب آڻي پيو ته ان جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، ان تي سنڌ سرڪار پنهنجو موفق ڏئي، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه جواب ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي نصابي مارشلا قبول نه آهي، هڪ نصاب صوبا قبول نه ڪندا، مطالبو ڪيون ٿا ته صوبن کي سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ علائقائي ٻوليون پڙهائڻ ڏنيون وڃن، هن چيو ته سنڌ ۾ 47 هزار اسڪول آهن، جن مان 39 هزار پرائمري اسڪول آهن، 5 هزار اهڙا اسڪول آهن جن تي سيمس ڪوڊ آهي پر بلڊنگون ئي نه آهن، 4 هزار هاءِ اسڪول آهن، هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسڪول ٺهڻ جي ڊيفينيشن نه آهي، ان ڪري هڪ ڪمري جا اسڪول ٺهيا، مشرف دور ۾ هڪ ڪمري وارا اسڪول ٺاهيا ويا، جنهن ۾ ٿر جي هڪ ڳوٺ واهري ۾ 64 اسڪول آهن، هن چيو ته اسڪولن جي حوالي سان سروي ڪرائي جنهن ۾ 11 هزار اهڙا اسڪول آيا جيڪي وائبل نه هئا، جن مان ڇنڊ ڇاڻ ڪري 7 هزار اسڪول بند ڪنداسين، انهن اسڪولن بابت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي معلومات ڏينداسين، جنهن کي به ڪو اعتراض هوندو ته ٻڌو ويندو، ان لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، هن چيوته پي ٽي آءِ وارن جي حالت ته اها آهي ته پهرين منشور ٺاهين ٿا پوءِ آئين پڙهن ٿا، ٻارن کي چون ٿا ته حڪومت جي 3 سالن جي ڪارڪردگي ٻڌايو، ائين نه ٿيندو آهي، وفاق جي نصابي مارشلا قبول نه آهي.ان کان اڳ ميمبرن جي سوالن جوابن دوران  جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي  صوبائي وزير سردار شاهه کي تعليم کاتي جو ڪمزور ترين وزير قرار ڏنو ته اسپيڪر کيس موضوع کان هٽڻ بجاءِ ضمني سوال ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صوبائي سردار شاهه چيو ته سنڌ جي ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ آهي ڇاڪاڻ ته 33 سيڪڙو استاد حيدرآباد اچي ويا آهن ، هن چيو  ته هو سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي چوي ٿو ته هو استادن جي بدلي لاءِ مٿن دٻاءُ نه وجهن، جنهن تي نصرت سحر عباسي چيو ته صوبائي وزير انهن ايم پي ايز جا نالا کڻي جيڪي استاد بدلي ڪرائڻ لاءِ اچن ٿا، صوبائي وزير جي لهجي مان لڳي ٿوته هو ڪمزور ترين صوبائي وزير آهي. صوبائي وزير ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ايوان کي غلط انگ اکر ڏيندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ان لاءِ جاچ ڪنداسين. ان کان اڳ ايم پي اي ثروت فاطمه ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، جنهن تي جواب ڏيندي ٽرانسپورٽ کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري گهنور اسراڻ چيو ته پيپلز بس سروس لاءِ 200 بسن جي خريداري آخري مرحلي ۾ آهي، ان کانسواءِ ڪراچي ۾ گرين، يلو لائين تي به ڪم ڪيون پيا، اليڪٽرڪ بسون به آڻيون پيا. ايم پي سي سيد هاشم رضا لانڍي ميڊيڪل ڪاليج بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، جنهن تي صحت واري وزير عذرا پيچوهو جواب ڏيندي چيو ته لانڍي ميڊيڪل ڪاليج جو منصوبو 2012 ۾ شروع ٿيو، 2018 ۾ واٽر ڪميشن ان منصوبي جي پي ڊي کي برطرف ڪيو، ان بعد ٻيو پي ڊي عبدالخالق ڊومڪي ڪووڊ ۾ فوت ٿي ويو هاڻي ٽيون پي ڊي مقرر ڪيو آهي، منصوبو 2022 ۾ مڪمل ڪيو ويندو. جنهن کانپوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني طرفان اجلاس اڄ صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو