677

سنڌ ۾ ”ڪرپٽ“ سسٽم آهي، سربراهه آصف علي زرداري آهي: رائو انوار

سنڌ ۾ ”ڪرپٽ“ سسٽم آهي، سربراهه آصف علي زرداري آهي: رائو انوار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار آصف زرداري ۽ سسٽم بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سسٽم جو سربراهه آصف زرداري آهي، ڊاڪٽر عاصم، مظفر ٽپي، يونس ميمڻ قدوائي ۽ٻيا اهم ميمبر آهن.
آصف زرداري جي خاص مينيجر مشتاق جي اڪائونٽ ۾ بحريه ٽائون جي زين ملڪ جي اڪائونٽ مان 8 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا، ايان علي جي 5 لک ڊالر اسمگلنگ جي ڪوشش دوران ايئرپورٽ تي سي سي ٽي وي ڪيمرا مان سڃاڻي سگهجي ٿو ته اهو صدارتي پروٽوڪول طرفان ايان علي جي ڪرنسي اسمگلنگ ۾ مدد لاءِ اتي موجود هو.
مشتاق جو ڪم سسٽم جي نگراني کانسواءِ آصف زرداري جي دوا جو بندوبست ڪرڻ به هو، مشتاق کي بچائڻ لاءِ پرڏيهه فرار ڪرايو ويو.
رائو انوار موجب ڪراچي سسٽم 700 ارب کان وڌيڪ رقم پرڏيهه غيرقانوني طور تي منتقل ڪئي، گهڻو ڪري رقم ڪينيڊا، دبئي، برطانيا، آمريڪا ۽ سعودي عرب منتقل ڪئي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته نثار مورائي جي جي آءِ ٽي ۾ ان وقت جي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ملوث ماڻهن جا نالا زبردستي ڊليٽ ڪرايا، انهن جا پنهنجا هٿ سان لکيل لفظ محفوظ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو