ليکڪ: زين سولنگي
سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون 2020ع جيڪي 28 نومبر 2020ع تي ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ پاڻ خيرپور، سکر، گهوٽڪي، نوشهروفيروز ۽ شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) ضلعن تي نظر وجهنداسون ته انهن ضلعن مان ڪهڙا ڪهڙا اميدوار سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ بيٺا آهن، خيرپور ضلعي مان هڪ سيٽ تي چار اميدوار آهن، جنهن ۾ ايڊووڪيٽ ياسر عرفات شر، ايڊووڪيٽ سيد محمد بچل شاهه جيلاني، ايڊووڪيٽ بشار احمد راهوجو، ايڊووڪيٽ منظور حسين انصاري، سکر ضلعي جي ٻن سيٽن تي ايڊووڪيٽ قربان علي ملاڻو، ايڊووڪيٽ شفقت رحيم راجپوت، ايڊووڪيٽ راشد خان دراني، ايڊووڪيٽ محمد عمران شمسي، ايڊووڪيٽ منظور علي چوهاڻ، ايڊووڪيٽ شمس الدين راڄپر، ايڊووڪيٽ شمس الدين ڪوڀر، ضلعي گهوٽڪي جي هڪ سيٽ تي ايڊووڪيٽ عبدالرزاق مهر ۽ ايڊووڪيٽ وزيراحمد گهوٽو، نوشهروفيروز جي هڪ سيٽ تي ايڊووڪيٽ عبدالستار لهراڻي، ايڊووڪيٽ الاهي بخش جمالي، ايڊووڪيٽ امتياز حسين ميمڻ، جڏهن ته ضلعي شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) مان هڪ سيٽ تي سينيئر ايڊووڪيٽ ضياءُالحسن لنجار ۽ ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند جن اچي وڃن ٿا. انهن پنجن ضلعن جي اميدوارن چونڊن ۾ سوڀارو ٿيڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا پئنل به جوڙيا آهن جن ۾ پراگريسو لائيرز پئنل ۽ وائيس آف سنڌ لائيرز پئنل اچي وڃن ٿا، ڪجهه اميدوار انهن پئنلز کان سواءِ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ به اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پراگريسو لائيرز پئنل طرفان جيڪي ضلعي وائيز اميدوار آهن، جن جي پئنل جي حيثيت چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، انهن ۾ ضياءُ الحسن لنجار (شهيد بينظير آباد نوابشاهه)، قربان علي ملاڻو سکر، شفقت رحيم سکر، ياسر عرفات شر خيرپور، عبدالرزاق مهر گهوٽڪي، عبدالستار لهراڻي نوشهروفيروز لاءِ اميدوار آهن، جڏهن ته وائيس آف سنڌ لائيرز پئنل طرفان حاجي شمس الدين راڄپر سکر ۽ شمس الدين ڪوڀر سکر، سيد محمد بچل شاهه جيلاني خيرپور، وزير احمد گهوٽو گهوٽڪي، امتياز حسين ميمڻ نوشهروفيروز ۽ ڪريم بخش شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) لاءِ اميدوار آهن.
هيءَ سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊ ان ڪري به دلچسپ آهي ته ان چونڊ ۾ سينيئر قانوندان ۽ ڪجهه قانوندان جيڪي اڳ به چونڊن ۾ سنڌ بار ڪائونسل جا ميمبر بڻجي چڪا آهن، ڪجهه قانوندان پنهنجن ضلعن جي بار ايسوسيئيشنز جا عهديدار ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر جا عهديدار رهي چڪا آهن انهن جي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته انهن اميدوارن کي چونڊ وڙهڻ، چونڊ مهم هلائڻ ۽ ووٽ وٺڻ جو چڱو خاصو تجربو آهي، بار سياست ۾ ڪافي تجربو رکندڙ اسان جو دوست سينيئر قانوندان سرمد قربان جسڪاڻي چوندو آهي ته وڪيل جو ووٽ وٺڻ ذرا ڏکيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته وڪيل ڊبل گريجوئيٽ هوندو آهي، ان وٽ پسند ۽ ناپسند شامل هوندي آهي، وڪيل وٽ ووٽ ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪرائيٽ ايريا هوندي آهي پر سڀ کان وڌيڪ ان اميدوار واري جي حق ۾ ووٽ ايندا آهن، جيڪو پنهنجي وڪيل ڀائرن جي ڏک سُک ۾ شامل هوندو آهي، جنهن جو پنهنجن وڪيل ڀائرن سان ملڻ جلڻ ۾ رويو به بهتر هوندو آهي، اميدوار بار ايسوسيئيشن ۽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبرن لاءِ ڪيترو فلاحي ڪم ڪيو آهي، آخري ته ڪهڙو اميدوار اسان جي در تي ووٽ وٺڻ لاءِ آيو آهي وغيره وغيره، انهن سڀني ڳالهين کي پرکڻ بعد ووٽر ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندو آهي. سو هاڻ سنڌ بار ڪائونسل جي هن اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار پنهنجي پنهنجي پئنل جي صورت ۾ چونڊ مهم باضابطه طور هلائي رهيا آهن، جيڪي آزاد حيثيت ۾ بيٺا آهن اهي به پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، ووٽرن تي زور بار، فونن جا کڙڪا به آهن، ڪٿي ڪٿي اميدوارن جي حامين ته باقائده بااثرن کان به ووٽرن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ ذور بار رکرايو آهي، وڏين وڏين دعوتن جا اهتمام پڻ ٿي رهيا آهن، نوجوان وڪيل اڳواڻ هردلعزيز شخصيت جو مالڪ رئيس الطاف حسين مري جنهن کي بار سياست ۽ پارلياماني سياست جو گَهِرو تجربو هجڻ ناتي اڪثر اها راءِ ڏيندو آهي ته بار سياست سڀ کان وڌيڪ آسان ان ڪري آهي ته وڪيل ڀائر ووٽ ان اڳواڻ کي ڏيندا آهن جيڪو مستقل بنيادن تي پنهنجي دوستن جي هر ڏک سک ۾ گڏ رهي ، انهن جي فلاح لاءِ ڪم ڪندو رهي، پنهنجي وڪيل ڀائرن جي لاءِ هروقت سپورٽ ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ هجي پنهنجي جڳهه تي ايڊووڪيٽ رئيس الطاف مري جي ڳالهه ۾ وزن آهي، هاڻ خاص ڪري خيرپور، سکر، گهوٽڪي ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي اميدوارن ۾ سخت ڪانٽي جو مقابلو آهي، ڏسون ته 28 نومبر 2020ع تي سوڀ ڪهڙن ڪهڙن اميدوارن جي نصيب ۾ ٿي اچي، تيستائين صبر جو دامن نه ڇڏڻو آهي، انتظار ڪرڻو آهي 28 نومبر جو جنهن ڏينهن تي اهي چونڊون به ٿينديون ۽ رات تائين انهن چونڊن جو غيرحتمي نتيجو به اچي ويندو.