191

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بلڊرن جي ايجنٽ آهي، ڪمشنر ڪراچي کي هٽايون ٿا: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ناجائز والار بابت ڪيس ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ڪمشنر ڪراچي کي هٽائي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ ڪراچي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ شهر ۾ ناجائز والار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي تي ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون پيش ٿيون. عدالت ناجائز والار بابت ڪمشنر جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان سمجهي رهيا آهيو اسان ڊپٽي ڪمشنر جي رپورٽ تي ڪم ڪنداسين، هيءَ ڪهڙي رپورٽ آهي، هر جاءِ تي لکيل آهي رپورٽ جو انتظار آهي، چيف سيڪريٽري صاحب اهڙا آفيسر فارغ ڪريو. هل پارڪ متاثرن جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين چيو ته اسان جنهن کان گهر خريد ڪيو انهن معاوضو ته ڏياريو وڃي، 25 سالن کان انهن جا گهر ٺهيل آهن ۽ نقشا سنڌ حڪومت پاس ڪيا، جنهن تي عدالت چيو ٻار ته نه آهيو، جڏهن گهر خريد ڪندا آهيو ته سڀ خبر هوندي آهي. عدالت ڪڊني هل پارڪ جي متاثرن کي مهلت ڏيڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ واءِ  ايم سي گرائونڊ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته واءِ ايم سي گرائونڊ ۾ سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ رڳو لائٽون لڳڻيون آهن. ڪمشنر شاهراهه فيصل ۽ شاهراهه قائدين بابت رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت ايس بي سي اي جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. عدالت ڊي جي ايس بي سي اي کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڄاڻو ٿا سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بلڊرن جي ايجنٽ آهي، ايڏيون وڏيون عمارتون ٺهي وينديون آهن توهان ڪٿي هوندا آهيو، سڀاڻي ڪير چيف منسٽر هائوس جو اجازت نامو ڏيکاري ڇڏي ته ڇا توهان ٺاهڻ ڏيندئو؟ چيف جسٽس ڪراچي جي ڪمشنر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪمشنر ڪراچي کي ڪراچي جي ڪا خبر نه آهي، هي رڳو رٻڙ اسٽيمپ آهي،  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  جي ڊي جي کي خبر نه آهي ته پوءِ ڪيترا نيب ڪيس ٺهندا، اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيا آهن ته ماڻهن لاءِ ڪيڏيون ڏکيائيون پيدا ڪندا هوندا، اسان وڏي وزير کان رپورٽ گهري هئي، هن چئي ڇڏيو سڀ سٺو آهي، اسان ڪراچي جي ڪمشنر کي هٽائي رهيا آهيون، وڏي معذرت توهان جي باري ۾ ايئن چيو پر اسان جي سامهون اهڙيون رپورٽون آهن ڇا ڪريون. عدالت چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي هلائڻ وارو هر مهيني کربين روپيا ٺاهي رهيو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سب رجسٽرار آفيس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ٿي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو