29

سنڌ جو آدرشي املهه ماڻڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ليکڪ: عابد مهيسر

ڪي سچا ۽ سٻاجهڙا فرد پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي بقا لاءِ پنهنجو تن من ڌن ۽ وقت ارپيندي امر بنجي ويندا آهن . اهڙن نرم مزاج ۽ هردل عزيز آدرشي انسانن منجهان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به هڪ هو جنهن علم ۽ ادب جي ميدان تي پنهنجي ساڃاهه ۽ سڄاڻپ سان اتم نشان ڇڏيا ۽ پنهنجي سماج ۾ پنهنجو پاڻ شاندار انداز سچائي ۽ سادگيءَ سان بي ريا ٿي ملهايو ۽ نئين نسل ۾ شعوري آگاهي ۽ جاکوڙي جاڳرتا ارپڻ جي ڀرپور ڪامياب ڪوشش ڪئي، ڊاڪٽر ڪمال هڪ ئي وقت علم ۽ ادب سان گڏوگڏ آواز جي دنيا ۾ ٽپي پيا ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروڊيوسر نصير احمد سومري 1988ع ۾ کيس آواز جي دُنيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ ٿورڙي وقت ۾ کيس سندس سندر آواز ۽ انمول پروگرامن جي ڪارڻ مڃتا ۽ مقبوليت ملي ، ريڊيو تي علمي، ادبي توڙي سماجي موضوعن تي سندس پروگرام نشر ٿيندا رهيا ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور اسٽيشن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تائين سندس پهچ پهتي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو علم ۽ ادب جي کيتر جو وهائو تارو ۽ تحقيق جي جهان جي افق جو چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي رهيو ۽ جي ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر ڪمال هڪ گهڻ رخي ۽ همه گير شخصيت جو مالڪ هو ۽ کيس پنهنجي ڌرتي، ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب سان اٿاهه پيار ۽ عقيدت جي حد تائين عشق هو، هو ذاتي مفادن ۽ شهرت جي شوق کان آجو ۽ ڪوهين ڏور رهيو، سندس سماجي ڪردار جو ڪو مثال نظر نٿو اچي .بَڊي ۽ سانوڻ رُت جي پُربَهار مُند ۾ اڱاري ڏهاڙي آگسٽ جي پهرئين تاريخ تي 1972ع ۾ راڻيپور ڀرسان واقع ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ لونگ خان ڄامڙي جي گهر جنم وٺندڙ ڪمال الدين ڄامڙي شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان راڻيپورمان پاس ڪيا ۽ ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اعلى تعليم حاصل ڪئي ۽ تعليمي شعبي ۾ استاد طور ڪم ڪرڻ لڳو ۽ گڏوگڏ علمي ادبي ڪرت سان جڙيل رهيو، علمي ادبي مخزنن ، رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس علمي ادبي ۽ تحقيقي مقالا ڪثرت سان شايع ٿيڻ لڳا، ڪمال الدين ڄامڙو پنهنجي تعليمي ۽ علمي ادبي مصروفيتن دؤران ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي به ڪري ورتي ۽ هڪ متحرڪ اسڪالر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لڳو ، ڊاڪٽر ڪمال سنڌي ٻولي ۽ سنڌي لوڪ ادب جي مبهم منطقن تي پوريءَ طرح ادراڪ رکندڙ هو، سندس ڌيان سنڌ جي تعليم ۽ نئين نسل طرف رهيو، ان ڪري پاڻ هڪ اورچ ۽ جاکوڙي ڪردار جيان سماجي آگاهيءَ جي اڻٿڪ ۽ ڏکئي ڪم سان جنبي ويو ۽ سگا شاخ ڪراچيءَ جي صدارت ماڻيائين ۽ گڏوگڏ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ٻولين جي اهم فيڪلٽيءَ جو ڊين مقرر ٿيو، ڊاڪٽر ڪمال ڪيترائي انمول ۽ قيمتي ڪتاب قلمبند ڪيا، سندس تمنا هئي ته سندس ٻوليءَ کي گهربل مقام ۽ مڃتا ملي جنهن لاءِ پاڻ سڀ کان اڳيان ۽ بيحد گهڻي جاکوڙ ۽ ڊوڙ ڊڪ ڪئي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ماهوار مخزن ”ماهه روز“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ گڏوگڏ اسلاميه ڪاليج مئگزين جو چيف ايڊيٽر به مقرر ٿيو ۽ وري شاهه لطيف چيئر پاران تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جو سب ايڊيٽر بڻيو ۽ پنهنجون ذميواريون بهتر نڀايائين ۽ ان سبب کيس وري ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سڀ کان معياري تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ته سندس علمي ادبي ۽ تحقيقي سرگرميون اڃا به وڌي ويون، سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو به سنڌي لوڪ ادب تي هو ۽ موضوع هو ”سنڌوءَ جا گيت“، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هڪ ئي وقت لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ، سماجي ڪمن ڪارين، براڊ ڪاسٽنگ ۽ موسيقيءَ تي ڪم ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هو، سنڌ جو هي مانائتو انسان سرديءَ جي رُت ۾ ڏهاڙي اربع جي 16 ڊسمبر 2020ع تي اوچتو اسان کي هميشه هميشه لاءِ وڇوڙي جو درد ڏئي هليو ويو، بيشڪ هن ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ کي به ڀلا ۽ ڀلوڙ انسان ئي وڻندا آهن ۽ تڏهن ته سُجهندي ئي سريلن ۽ اتم انسانن کي پاڻ وٽ گهرائي وٺندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو