63

سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ مشھور ڪامورو سڀاڳو خان جتوئي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ مشھور ڪامورو سڀاڳو خان جتوئي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب سڀاڳو خان جتوئي موذي مرض ڪورونا جي ڪري علاج هيٺ هو، جنهن اڄ صبح جو قاسم آباد ۾ 75 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سڀاڳو خان جتوئي سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري،  حيدرآباد جي ڪمشنر سوڌو مختلف اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون، کيس 4 پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. سڀاڳو خان جتوئي جو تڏو اِنڪ سٽي ٽو قاسم آباد حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس  ديهه ابراهيم شاهه بخاري واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، سندس لاڏاڻي تي سنڌ جي سياسي سماجي شخصيتن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو