ليکڪ: قاضي جاويد سنائي
عبدالحڪيم ارشد ولد حاجي يار محمد لکمير، 13 جون 1939ع تي ڳوٺ کٻڙ لکمير تعلقي ۽ ضلعي نوابشاهه (بينظيرآباد) ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ اديب سنڌي ۽ اديب مولوي جا امتحان ڏئي 1964ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 28 ڊسمبر 1998ع تي رٽائر ٿيو. عبدالحڪيم ارشد 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ مزاحمتي عنصر وڌيڪ نمايان آهي. ان کانسواءِ سندس شعر ۾ رومانوي رنگ به ڪمال جو آهي. عبدالحڪيم ارشد پنهنجي همعصر راشد مورائيءَ وانگر اسٽيج جو اهم شاعر آهي. سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي. عبدالحڪيم ارشد جي هڪ گيت ”چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ“ وحيد علي جي آواز ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”ڏيئا ڏات جا“ 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 1995ع شايع ڪيو. جڏهن ته سندس قومي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”آجپي جي گيت جهڙي شاعري“ ڊسمبر 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، سندس شاعريءَ تي محمد ابراهيم جويي، مير محمد پيرزادي، پروفيسر عبدالله مگسي، تاج جويي، عبدالرحمان منگي، راشد مورائيءَ تفصيلي طرح لکيو آهي، کيس جديد دؤر جي اهم شاعرن ۾ شمار ڪيو آهي.سنڌ تي ڪيترائي ڏکيا دور گذريا آهن ۽ انهن دورن ۾ سنڌ جي شاعرن ڌرتي سان محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي ۽ پنهنجي قلم وسيلي قوم کي سجاڳ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهڙن ئي شاعرن ۾ عبدالحڪيم ارشد جو شمار ٿئي ٿو، هو سنڌ جو پهريون شاعر هو جنهن ظلم جي گهاڻي پيڙجندڙ قوم لاءِ شاعريءَ ۾ پاپ ننگر واري ٽرم جو بنياد وڌو، سندس قومي شاعري ۾ پاپ ننگر ۽ سونهن ننگر جي جيڪا ڳالهه ڪيل آهي اها اڄ به ٻين شاعرن ۾ ورلي نظر اچي ٿي، عبدالحڪيم ارشد رومانوي شاعري ۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ خاص ڪري سندس بي ساختگي واري اظهار کيس سنڌ جو مقبول ۽ عام شاعر بڻايو، سندس شعر جو هڪ نمونو هن طرح آهي ته؛
دل جو آڻي درد چپن تي گيت سريلو ڳائيندو
ارشد کي ٿا ڇيڙيو، ارشد محفل کي تڙپائيندو
هن جي شاعري جي خاص ڳالهه سندس اظهار جي سادگي آهي، عبدالحڪيم ارشد ٻين شاعرن وانگر ڳورا، وڏا ۽ غير فهم لفظ استعمال ڪرڻ بدران انتهائي سادي ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ پنهنجي جذبن جو اهڙي طرح اظهار ڪري ٿو جو ٻڌندڙ کي اهڙو اظهار پنهنجي دل جي ويجهو محسوس ٿئي ٿو، ٻين لفظن ۾ ٻڌندڙ ان کي پنهنجو اظهار سمجهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري سڀني کان وڌيڪ مقبوليت ۽ قبوليت ماڻي آهي، خاص ڪري سندس هي غزل ان جو خوبصورت نمونو آهي ته؛
چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ
هيڏي ساري محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ
ٻهراڙيءَ جو سادو ماڻهو جنهن جي دل ۾ مير نه هو
شهر جي سياڻن واپارين کان پاڻ ڦرائي ويٺو آ
واهڻ جي او چنچل ڀوري ڇوري! پنهنجو پاڻ سنڀال
هرڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي ڄار وڇائي ويٺو آ
بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي
ماڻهن ليکي ارشد صاحب واٽ وڃائي ويٺو آ.
اڄ 6 فيبروري تي سندس ٽين ورسي آهي ان سلسلي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو سقراط سڏجندڙ عبدالحڪيم ارشد جي ٽين ورسي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي آڊيٽوريم ھال ۾ ملهائي ويندي ان موقعي تي سندس شاندار لکڻين تي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڏونگر ڏاري وينداسين“ جي مھورتي تقريب پڻ ٿيندي، ورسي ۽ مهورتي تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ساڃاھه وند شخصيتون شريڪ ٿي سائين عبدالحڪيم ارشد جي ادبي پورهئي ، سندس زندگي ۽ نئين ڪتاب تي ويچاريندا.