17

سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي اسپيشل ايجوڪيشن اسڪولن جو دورو ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ اسپيشل ٻارڙن کي تعليم جي فراهمي بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي اسپيشل ايجوڪيشن جي اسڪولن جو وزٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چئن هفتن اندر ويڊيوز ۽ تصويرن سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران تعليم کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن کان عدالت پڇيو ته اسپيشل ايجوڪيشن ڇا کي چيو ويندو آهي ۽ ان جو مطلب ڇا آهي؟ جنهن تي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته جيڪي ٻار ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن انهن کي تعليم فراهم ڪندا آهيون، بيورو آف اسٽيٽڪس جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 3 لک اسپيشل ٻار آهن. هن چيو ته 3 هزار 653 ٻار مختلف 66 اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جنهن تي عدالت پڇيو ته ڇا صرف 66 اسڪول انهن ٻارن لاءِ ڪافي آهن؟ تعليم کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته صوبي ۾ 3 لک اسپيشل ٻار آهن. ان موقعي عدالت چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ ڪيتري بجيٽ ملي ۽ ڪيترو ڪم ٿيو آهي ان بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪريو جنهن تي سيڪريٽري چيو ته بجيٽ ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز وٽ موڪلي ويندي آهي جنهن تي عدالت پڇيو ته اوهان پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌايو اوهان ڪڏهن اسڪولن جو وزٽ ڪيو آهي؟ انهن اسڪولن ۾ گهڻي ڪلاس تائين تعليم ڏني ويندي آهي ۽ ڪهڙو سليبس پڙهايو ويندو آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري چيو ته انهن اسڪولن ۾ ٻارن کي 12هين ڪلاس تائين تعليم ڏني ويندي آهي. مجموعي طور تي اسپيشل ايجوڪيشن سسٽم ۾ 176 جايون آهن جن ۾ صرف 50 جاين تي آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن اسڪولن جي اسٽاف جي ٽريننگ اسلام آباد ۾ ٿيندي آهي. عدالت سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي اسپيشل ايجوڪيشن جي اسڪولن جو وزٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چئن هفتن اندر ويڊيوز ۽ تصويرن سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اهو به ٻڌايو وڃي ته انهن اسڪولن ۾ بهتري لاءِ ڪهڙن قدمن جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو