حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ننڍي چونڊن ۾ ڪٺ پتلي اتحاد کي شڪست تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سنڌ جي باشعور عوام سليڪٽڊ کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ملير ۽ سانگهڙ مان پ پ جي فتح چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان صدر آصف علي زرداري جي قيادت تي عوام جي ڀرپور اعتماد جي علامت آهي. هن وڌيڪ چيو ته يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ ڄام شبير جي ڪاميابي تي کين دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪٺ پتلي کي شڪست ملي چڪي آهي، هاڻي پنجاب ۽ پوءِ اسلام آباد جو وارو آهي. هن چيو ته عمران خان کي عوامي حمايت سان اسلام آباد جي ايوانن مان به ڪڍي ڇڏينداسين .
