حيدرآباد(ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) نئين ٽهي جي نوجوان ليکڪ، ڪتاب ”افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين“ جي تخليقڪار رفيق کوسو سوڀ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي وسيع تاريخ تي نئين سر ڪم ٿيڻ گهرجي، جيڪو ڪم ٿيل آهي اهو ليکڪن هڪٻئي جي روايتي پيروي ۽ حوالن تي مشتمل ڪيو آهي، قديم سنڌو سڀيتا جي تاريخ تي نئين سر تحقيقي ڪم جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ نئين ٽهي جي ليکڪن جي ڪم مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن جو مطالعو گهٽ آهي، لکڻ لاءِ پڙهڻ انتهائي ضروري آهي، گهٽ مطالعي واري تخليق ايتري سگهاري ناهي پر وڏو الميو اهو به آهي ته پئسن عيوض پبلشرن ادب سان جيڪو ناحق ڪيو آهي تاريخ هنن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته غير معياري ادب جو ڇپجڻ پبلشر جي ڪوتاهي آهي، سنڌي ادبي بورڊ کي گهرجي ته هو پنهنجي ڪاميٽي جوڙي هر ايندڙ ڪتاب تي تحقيق ڪري ليکڪ کي معاوضو ڏئي معياري ڪم کي هٿي ڏئي، ٻي صورت ۾ اسان کي اهو ئي رٽيل ادب شايع ٿي ملندو. رفيق کوسو وڌيڪ ٻڌايو ته مان پنهنجي سر هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، لاڪ ڊائون واري وقت ۾ سنڌ جي تاريخ تي کوجنا کانپوءِ مهاڀارت سنڌ ۽ ڀڳوان ڪرشن جو ڪردار جي عنوان سان ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو جيڪو هن مهيني اندر مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.
