9

سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ جون ميگا اسڪيمون آڻي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اورينج لائن ۽ سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ لاءِ 69 بسون چين کان ڪراچي پهچي ويون آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني ڪراچي بندر گاهه تي پهچي چين کان پهتل بسن جو معائنو ڪيو.  ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان ڪراچي ۾ بسن جي اچڻ جو سلسلو  شروع ٿي چڪو آهي. پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي پهرين فليٽ پهچي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته پروجيڪٽ  هيٺ پهرئين مرحلي ۾ 240 بسيون اچڻيون آھن، اورينج لائن جون 20 ۽ سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جون 49 بسون پهتيون آهن، 20  جون تائين سموريون بسون اچي وينديون. ايندڙ هفتي وڌيڪ بسون اينديون، بسن جو مڪمل فليٽ 20 جون تائين پهچي ويندي. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عبدالستار ايڌي (اورينج لائن) جي مڪمل فليٽ اچي چڪي آهي، جنھن 20 بسون شامل آهن. ھن چيو ته پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جلد شروع ڪئي ويندي،  جڏهن ته اورينج لائن جو ٽريڪ جيئن ئي مڪمل ٿيندو ته ان تي به بسون ھلڻ شروع ٿي وينديون. شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين جو پراڻو مسئلو حل ڪري رهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري جي خصوصي دلچسپي،  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي ٽرانسپورٽ کاتي جو وزير سيد اويس شاهه جي  ڪاوشن سان اهو سڀ ممڪن ٿيو آهي. بسن جو انگ هزارن ۾ وڌائينداسين . شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي شهرين کي سٺي ۽ بهترين ٽرانسپورٽ جي سهولت ملي ويندي ۽ اهو سلسلو ڪراچي تائين محدود نه آهي پر سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ جون ميگا اسڪيمون آڻي رهيا آهيون. ڪجهه سالن ۾ سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جو بهترين انفراسٽرڪچر مڪمل ٿي ويندو. صوبائي وزير محنت سعيد غني چيو ته بسون ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ويون آهن جلد شهر جي روڊن تي نظر اينديون. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جا شهري انهن بسن کي پنهنجي ملڪيت سمجهن، جيئن پنهنجي ملڪيتن جو خيال رکندا آهن. انهن بسن جو پڻ خيال رکن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو