40

سنڌ جي ڪاليجي استادن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي..!!

ليکڪ: پروفيسر نظام عباسي

دنيا جا اهي زوال پذير معاشرا جيڪي اڄ مهذب معاشرن طور سڃاتا وڃن ٿا انهن جي مهانتا ۽ اڏولتا جا جڏهن پيرا کڻجن ٿا ته انهن سماجن کي جديد، ترقي يافتا ۽  سڌريل بڻائڻ ۾ جتي علم، ڏاهپ، دانش جي فيڪٽرس جو ڪردار آهي ان سان گڏوگڏ  اتان جي معلمن، استادن ۽ پنهنجي پنهنجي مضمونن جي قابل، عالم ۽ اقابر پروفيسرس جو پڻ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رهيو آهي. يعني جن به معاشرن پنهنجي استادن جي عزت، احترام ۽ سندس پيشي سان واڳيل لوازمات کي جديد گهرجن پٽاندڙ بڻايو آهي اتان جي استادن ان معاشرن جي ترقي کي انقلابي رفتار سان تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. سنڌ جو استاد اڄ به ان جديد ۽ ترقي واري معاشري جي استاد جيان عزت، احترام ۽ اهميت لاءِ گهرجائو آهي.محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ 2008ع ۾ جيڪا مرڪز ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي. ان حڪومت جي قائم ٿيڻ سان ملڪ ۽ سنڌ جي عوام ۾ اهي اميدون بيدار ٿي ڪَرَ کڻڻ لڳيون ته جنرل مشرف جي آپيشاهي سرڪار جي آمريتي ۽ ڪارن قانونن جي خاتمي سان گڏوگڏ عوام، سرڪاري ملازمن، خاص ڪري استادن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻايو ويندو.سنڌ جا ڪاليجي استاد جن جو تعداد ڏھه هزار ۽ ڪجھه سئو آهي انهن سنڌ اندر سڀ کان پهريان بلوچستان جي ڪاليجي استادن جي طرز تحت سنڌ سرڪار کان 2009ع ۾ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. جنهن کان پوءِ پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري استادن پڻ ٽائيم اسڪيل جو مطالبو دهرايو. ان دوران سنڌ جي سڀني استادن پنهنجي پنهنجي پليٽ فارمس تان احتجاج ڪيا، مارچ ٿيا، هڙتالون ٿيون، ڪيترائي استاد گرفتار ٿيا ۽ آخرڪار اسڪولن جي تالا بندي ڪئي وئي. ان سخت احتجاج جي نتيجي ۾ 2010ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌ جي لکين پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري استادن کي 20 هين اسڪيل تائين ٽائيم اسڪيل ۽ ٽيچنگ الائونس جا نوٽيفڪيشنس جاري ڪري انهن جي مطالبن کي مڃي ورتو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جن سنڌ جي ڪاليجي استادن سنڌ اندر سڀ کان پهريان ٽائيم اسڪيل جو مطالبو ڪيو هو انهن کي  دلاسو ڏيڻ لاءِ 2010ع ۾ ٽائيم اسڪيل جي سمري ٺاهي راضي ڪيو ويو ته جلد سمري منظور ڪري اوهان کي به ٽائيم اسڪيل ڏنو ويندو. جيڪا منظور ته نه ٿي پر پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي، ان دوران وفاقي سرڪار پنهنجي استادن کي 21 هين اسڪيل تائين ٽائيم اسڪيل ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته ان کان پوءِ گلگت بلتستان جي حڪومت پڻ پنهنجي سمورن استادن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.سنڌ جي ڪاليجي استادن ان ناانصافي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ته سنڌ جي 95 سيڪڙو استادن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو ويو آهي ته پوءِ واعدن باوجود اسان سان ناانصافي ڇو؟!!سڄي سنڌ، ملڪ ۽ ٻاهرين دنيا ڏٺو ته 6 نومبر2019ع تي سنڌ جا هزارين ڪاليجي استاد سپلا ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي فار ٽائيم اسڪيل جي پليٽ فارم تان ڪراچي پريس ڪلب وٽ گڏ ٿيا ۽ انهن سي ايم هائوس ڏانهن پرامن مارچ ڪيو ۽ ڪلاڪن تائين سي ايم هائوس ڀرسان ڌرڻو ڏئي ويٺل رهيا جنهن تي پوليس وحشياڻو تشدد ڪري پنجاھ کان وڌيڪ مرد ۽ عورت پروفيسرس کي تذليل جو نشانو بڻائي، گرفتار ڪري انهن کي مختلف ٿاڻن ۾ بند ڪري انهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. سنڌ جي ڪاليجي استادن جو اهو تاريخي ڌرڻو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پورا ٽي ڏينهن جاري رهيو. آخر ڪار ان وقت جي سيڪريٽري ڪاليجز ڪراچي پريس ڪلب احتجاجي ڪئمپ تي اچي سنڌ جي ڪاليجي استادن کي هڪ مهيني اندر ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن ڏئي احتجاج ختم ڪرايو هو. ان ڪاميٽي جي رپورٽ جي نتيجي ۾ هڪ دفعو وري ٻيهر سنڌ جي ڪاليجي استادن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ 4 مارچ 2020ع تي سمري جوڙي وزيراعليٰ ڏانهن منظوري لاءِ موڪلي وئي جيڪا 9 مهينن گذرڻ جي باوجود منظور نه ٿي سگهي آهي.ان دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪاليجي استادن پاران داخل ڪرايل آئيني پٽيشن تي هلندڙ توهين عدالت واري درخواست تي عدالت سڳوري سنڌ سرڪار کي واضع طور تي حڪم ڏئي چڪي آهي 9 ڊسمبر 2020ع تائين ٽائيم اسڪيل جي سمري منظور ڪري سنڌ جي ڪاليجي استادن کي ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڏنو وڃي نه ته توهينِ عدالت لاءِ  تيار هو!!!

اسان سمجهون ٿا ته سرڪار جي ٺاهيل ڪاميٽي پاران تجويز ڪيل سمري ۽ عدالتي حڪم کانپوءِ اها سمري منظور ڪرڻ ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته استاد بهرحال استاد ئي آهن، اهي پنهنجو جائز حق گهرن ٿا ۽ سڌريل سماجن اندر استادن کي جيڪو وقار ۽ عزت مليل آهي، ان جو ته هتي تصور به نٿا ڪري سگهون، پر گهٽ ۾ گهٽ جيڪو سرڪار جي اختيار ۾ آهي اهو استادن کي ضرور ملڻ گهرجي، ڪاليجي استاد اهي معمار آهن، جيڪي بنياد کان پڪي ٿيل ذهنن جي عمارت کي وڌيڪ پختو ڪن ٿا، جيڪڏهن اهي پاڻ مسئلن جو شڪار هوندا ته يقينن شاگردن جي تربيت تي به اثر پوندو، ڇو ته ذهني ۽ معاشي طور تي مضبوط استاد ڪنهن ٻئي فڪر کان آجو ٿي شاگردن کي بهتر ۽ معياري تعليم ڏئي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو پاڻ مسئلن ۾ ڦاٿل هوندو، معاشي طور تي مضبوط نه هوندو ۽ ذهني طور تي مسئلن ۾ منڌل هوندو ته ان جو اثر شاگردن جي تربيت تي به پوندو.اسين پيپلزپارٽي جي چئيرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي سنڌ جناب سيد مراد علي شاھ، وزير تعليم سعيد غني اڳيان گذارش رکنداسين ته سنڌ جي ڪاليجي استادن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت بنا دير ٽائيم اسڪيل ڏئي ”رول آف لا“ کي يقيني بڻائي سنڌ جي سماج جي اڏيندڙ پروفيسرس کي پنهنجو جائز،قانوني حق ڏئي عوامي، جمهوري راڄ جي تقدس کي تقويت پهچائي اهو ڪريڊٽ به پنهنجي نالي ڪري تاريخ ٺاهي وٺو جنهن جو وقت اوهان جي قيادت کي سونهري موقعو فراهم ڪيو آهي ۽ اهڙا موقعا تاريخ بار بار اوهان کي نه ڏيندي اڃا به وقت ويو نه آهي. عمل ڪري وٺو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو