84

سنڌ حڪومت پاران رهائشي علائقن ۾ قائم صنعتن جي ٻيهر سروي جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي سميت پوري صوبي جي رهائشي علائقن ۾ قائم صنعتن جو ٻيهر سروي ۽ ماحولياتي معاملن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو. صوبائي وزير ماحوليات اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪراچي سميت پوري صوبي جي ريسٽورنٽس جي ماحولياتي جاچ پڙتال پڻ ٿيندي. ڪراچي سميت پوري صوبي جي سمورن ضلعن جي سيپا آفيسن جو سروي ڪري رپورٽ ڏين. صوبائي وزير وڌيڪ آفيسرن کي حڪم ڏيندي چيو ته غيرقانوني هلڻ وارين صنعتن جو ڊيٽا جمع ڪيو وڃي. ڪم ۾ غفلت ڪرڻ وارن آفيسرن خلاف قانوني ڪارر وائي ڪئي ويندي. حفاظتي قدمن جي بغير ڪم ڪرڻ وارين صنعتن ۾ باهه لڳڻ سان انساني جانين، سامان ۽ ماحول کي سخت نقصان پهچندو آهي. اسماعيل راهو چيو ته سروي جي بعد غير قانوني صنعتن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي رهائشي علائقن مان منتقل ڪرايو ويندو. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته پوري سنڌ جي ريسٽورنٽس جو ماحولياتي معائنو ڪيو ويندو. پوري صوبي جي سمورن ريسٽورنٽس جي عام صفائي ۽ اندروني ماحول کي پڻ چيڪنگ ڪيو ويندو، ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ريسٽورنٽس جي پاڻي جي نيڪال جي طور طريقن جي جانچ پڙتال ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو