37

سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پگھار ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پگھار ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي فنانس کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ سمورن ملازمن جي پگھارن ۾ 20 سيڪڙو ايڊھاڪ الائونس طور واڌ ڪئي وئي آھي. جيڪا موجوده بنيادي پگھار جو 20 سيڪڙو ھوندو جڏهن ته گريڊ ھڪ کان پنج تائين جي ملازمن ۾ گھٽ ۾ گھث پگھار 25 ھزار جو فرق ختم ڪرڻ لاءِ پرنسل الائونس پڻ ڏنو ويندو. جنھن موجب گريڊ ھڪ لاءِ 1900 ماھوار، گريڊ ٻہ لاءِ 1500، گريڊ ٽي لاءِ 900، گريڊ چار ۽ پنج لاءِ 250 رپيا اسپيشل الائونس طور ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آھي. ياد رھي تہ اھو وڌايل الائونس پھرين جولائي 2021 کان لاڳو ھوندو. جڏهن ته اهو الائومس پوليس کاتي جي ملازمن کي نه ملندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو