ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڊگهي قد واري 52 ورهين جي نصير سومرو جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو نصير سومرو جي علاج جو خرچ ڀرڻ جو حڪم ڏنو،صوبائي صحت کاتي علاج جي سلسلي ۾ هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي،اسٽيڊيم روڊ تي واقع خانگي اسپتال ۾ نصير سومرو جو علاج ڪرايو ويندو، ان حوالي سان اسپتال کي ليٽر پڻ جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن.
