7

سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ۽ ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (استاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ ڪڻڪ خريداري ۽ يوريا بابت اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزير خوراڪ مڪيش ڪمار چاولا، گهرو سيڪريٽري، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري سميت تمام ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ ۽ يوريا جي ذخيره انداوزن خلاف پوليس، رينجرز ۽ ضلعي انتظاميه ۽ خوراڪ کاتي جا آفيسر گڏجي ڪارروائي ڪندا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته ذخيره اندوزن خلاف ڪارروئي جي رپورٽ روزانو جي بنياد تي فراهم ڪئي وڃي. هن خوراڪ واري سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته گودامن ۾ سيل ڪيل ڪڻڪ کي خريداري ۾ شامل ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري سمورن ڊويزنل ڪمشنرز کي ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت مقرر ڪيل 14 لک ميٽرڪ ٽن ٽارگيٽ کي پورو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ خريداري جي ٽارگيٽ کي هر صورت ۾ پورو ڪرڻو آهي. خوراڪ کاتي جي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ مڪمل ٿيڻ تائين صوبي مان ڪڻڪ ٻاهر نه وڃڻ گهرجي، پوليس ۽ رينجرز خوراڪ کاتي جي آفيسرن سان گڏجي ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪي. هن چيو ته آبادگارن کي وقت سر رقم ادائيگي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اجلاس ۾ يوريا ڀاڻ بابت فيصلو ڪيو ويو ته يوريا ٺاهيندڙ ڪمپينين سان تمام ڊيلر جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويندو ۽ آبادگارن کي يوريا جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو