ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت کي جبري موڪل تي روانو ڪرڻ واري حڪم تان هٿ کڻي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ڊپارٽمينٽ هٿ کڻڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري علم الدين بلو پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت کي ملي ويو آهي، جنهن کانپوءِ پنهنجي رهائشگاهه کان وي سي آفيس پهچي پنهنجي عهدي جي ٻيهر چارج سنڀالي ورتي آهي، جتي ڪيترائي آفيسر، استاد ۽ ملازم کيس مبارڪباد ڏيڻ لاءِ پهچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جو چوڻ آهي ته مون کي 14 سيپٽمبر تي جبري طور موڪل تي روانو ڪيو ويو، جيڪا سراسر ناانصافي هئي، عدالت مان انصاف مليو آهي، ٻيهر عهدو سنڀالڻ کانپوءِ يونيورسٽي جي معاملن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
