114

سنڌ حڪومت کان مڪاني چونڊن بابت 12هين آڪٽوبر تي جواب طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت سنڌ حڪومت کان 12 آڪٽوبر تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايم ڪيو ايم پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جو وڪيل ۽ اليڪشن ڪميشن عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي وڪيل حتمي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت کي 12 آڪٽوبر تي لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ان ڏس ۾ صوبائي حڪومت کان تفصيل طلب ڪيا آهن جيڪي اڃا تائين فراهم نه ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ بابت قانونسازي لاءِ ڇهن مهينن جو وقت گهريو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو